پنجابي مهاجر پارٽي

پنجابي مهاجرن جي پارٽي، فيبروري 1915ع ۾ هندستان مان روانو ٿي. روانو ٿيڻ کان اڳ لاهور جي عبدالرحيم، فضل الاهي، ابو محمد احمد، ابوالڪلام آزاد ۽ عبيدالله (مولانا عبيدالله سنڌي) کان مشورو ورتو هو. سرحد تائين مولوي فضل الاهي ان جي مدد ڪئي. هندستان مان روانو ٿيڻ کان اڳ انهن سڀني پنهنجا نالا مٽائي ڇڏيا هئا. انهن سرحدپار ڪئي ۽ اسمس ۾ رهيا. جڏهن اهي ”اسمس“ ۾ هئا ته هڪ برطانوي عملدار عجب خان ”دربند“ آيو ۽ ملاقات طئه ڪري شاگردن جي پارٽي جي نمائندن جي طور تي عبدالباري ۽ شجاع الله سان ملاقات ڪئي، انهن کي معافي ڏيارڻ جو وعدو ڪيو ۽ هندستان موٽڻ تي اصرار ڪيو پر ان ڳالهه کان انهن انڪار ڪري ڇڏيو. ان ئي وقت ۾ لاهور جي چينيان والي مسجد جو مولوي عبدالرحيم انهن سان اچي مليو. ان کان پوءِ هڪ شخص ڪالا سنگهه، جيڪو سک هو ۽ هندستان مان وطن ڇڏڻ کان پوءِ ٻيهر هندستان واپس اچي ويو هو ۽ لاهور سازش ڪيس ۾ گهربل هو، اهو اچي ساڻن مليو. جڏهن پنجاب مهاجر ”اسمس“ ۾ رهيل هئا ته انهن کي مجاهدن جي سرگرمين جي باري ۾ گهڻي ڪجهه خبر پيئي، اتان انهن ڪابل جو رستو ورتو، ڪابل ۾ اهي ڪيترن ئي مهينن تائين حراست رهيا ۽ ڪجهه به نه ڪري سگهيا.[1]

حوالا سنواريو