پليٽيپس

نيم آبي ميمال

پليٽيپس/پلي ٽيپس (انگريزي ٻولي: Platypus) نيم آبي کير پياريندڙ جانور ( مماليہ Mammal) آهي. بدڪ جهڙي چهنب واري پليٽيپس جو سائنسي نالو  Ornithorhynchus anatinus آهي جيڪو کير پياڪ Mammalia ۾ شمار ٿيندو آهي ۽ اهو پاڻي ۽ زمين تي رهڻ جي صلاحيت رکندڙ پڻ آهي، پر ان جي اصل خاصيت تہ انجي اندر موجود هڪ اهڙي حواس Sense آهي جنھن کي سائنسدان”اليڪٽرولوڪيشن Electro location“ جو نالو ڏنو آهي، ان صلاحيت سبب هي برقي ميدان اليڪٽرڪ فيلڊ جي مدد سان پنھنجي شڪار جي حرڪت کي ٻڌي ۽ محسوس ڪري سگھي ٿو. ان لاءِ پليٽيپس کي شڪار ڪرڻ وقت اکين ۽ نڪ ڪنن جي بہ ضروري نٿي پئي.

تازو ماهرن کي پليٽيپس جي زهر ۾ هڪ اهڙو هارمون دريافت ڪيو

آهي جيڪو مستقبل ۾”ذيابيطس diabetes“ شوگر جي مرض لاءِ بھتر علاج ثابت ٿي سگھي ٿو

پليٽيپس گھڻو آسٽريليا ۾ پاتو ويندو آهي جيڪو ڏيندو تہ آنا آهي پر گڏوگڏ پنھنجي ٻچن کي کير بہ پياريندو آهي

انجي بدڪ جھڙي چهنب ڪارڻ انکي( ڊڪ بل DuckBill) بہ چيو ويندو آهي

پلي ٽيپس آسٽريليا جي هڪ ڍنڍ ۾ تَرِي رهيو آهي
پلي ٽيپس آسٽريليا جي هڪ ڍنڍ ۾ تَرِي رهيو آهي


پليٽيپس هڪ کيرڏيندڙ (ميمل) آهي جنهن کي لڌڙو جانور جهڙو پُڇ ۽ هڪ بدڪ (ڊڪ بل) جهڙو ڏيک اٿس
پليٽيپس هڪ کيرڏيندڙ (ميمل) آهي جنهن کي لڌڙو جانور جهڙو پُڇ ۽ هڪ بدڪ (ڊڪ بل) جهڙو ڏيک اٿس

حوالا سنواريو