پلازما
Wikipedia:سلجھائپ
پلازما: جنهن کي انگريزي ۾ plasma چيو وڃي ٿو هڪ ڏاڍو اهم ۽ گهڻ استعمال ٿيندڙ لفظ آهي. انگريزي ۾ پلازما جو لفظ اصل ۾ يوناني جي plassein کان لاطيني ۽ جرمن ٻولي مان ٿيندو آيو آهي. جنهن جي بنيادي طور تي معنا ته سنهو پکيڙڻ جي هئي پر پوءِ ان مان شڪل ڏيڻ جو مفهوم نڪتو ۽ پوءِ هي لفظ سائنس جي شاخن ۾ استعمال ٿيڻ لڳو. ان جا مختلف استعمال هيٺ ڏجن ٿا.
- فزڪس ۾ ان جو استعمال (ionized) هوا يا گيس جي لاءِ ٿئي ٿو. ڏسو پلازما جي طبعيات (plasma physics)
- ڊسپلي ٽيڪنالوجي (display technology) ۾ پردي واري ڊسپلي جي لاءِ ڏسو پلازما ڊسپلي (plasma display)
- رت جي پاڻياٺ جنهن ۾ جيو گهرڙا تَرن ٿا، ان جي لاءِ ڏسو بلڊ پلازما (blood plasma)
- حياتيات ۽ خاص طور گهرڙياتي حياتيات (سيليولر بائيلاجي) ۾ هي لفط گهڻن ئي هنڌن تي استعمال ٿي رهيو آهي.
- حياتيات ۽ خاص طور تي گهرڙياتي حياتيات (سيليولر بائيلاجي) ڪيترن ئي هنڌن تي استعمال ٿي رهي آهي.
- گهرڙن جي اندر سيل ميمبرين ۽ نيوڪلس جي وچ واري پاڻياٺ جي لاءِ ڏسو نيوڪلو پلازم (nucleoplasm)
- حيوانات ۽ نباتات سميت هڙني جاندارن جي ساخت ۾ موجود پاڻياٺي مادي لاءِ ڏسو، پروٽو پلازم (protoplasm)