پشپا ڪماري ڪوهلي

پاڪستاني عورت پوليس آفيسر

پشپا ڪماري ڪوهلي (انگريزي ٻولي: Pushpa Kumari Kohli) پهرين هندو عورت آهي جيڪا پاڪستان ۾ صوبيدار پوليس آفيسر ٿي آهي.[1][2][3][4] سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي صوبائي چٽاڀيٽي جو امتحان پاس ڪرڻ بعد، کيس سنڌ صوبي ۾ اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر آف پوليس (اي ايس آءِ) طور پوسٽ تي ڀرتي ڪيو ويو. [5] [6] [7]

پشپا ڪماري ڪوهلي
Pushpa Kumari Kohli
پيدائش 1990 (1990)
ضلعو ميرپورخاص, سنڌ, پاڪستان
مادر علمي ڊائو يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز
رشتيدار نارايڻ داس (مڙس)
'پوليس ڪيريئر'
شعبو سنڌ پوليس‎
رتبو اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر پوليس (اي ايس آءِ، صوبيدارڻ)

ابتدائي زندگي سنواريو

پشپا ڪماري ڪوهلي 1990 ۾ شيڊولڊ ذات هندو خاندان ۾ پيدا ٿي. هيءَ سنڌ صوبي ۾ ميرپورخاص ضلعي ، جي سامارو تعلقي جي هڪ وچولي درجي جي خاندان ۾ پيدا ٿي. هن جو پيءُ هڪ گروسري اسٽور هلائيندو آهي ۽ سندس ماءُ آبادي واري کاتي ۾ فيملي پلاننگ آفيسر جي طور تي ڪم ڪندي آهي. [8]

تعليم سنواريو

پشپا ڪماري پنهنجي شروعاتي تعليم سامارو شهر مان حاصل ڪئي.

پشپا ڪماري 2014 ۾ ڊائو يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز مان ڪريٽڪل ڪيئر آءِ سي سي ۾ گريجوئيشن ڪئي آهي.[1] [8][2][9]

ڪيريئر سنواريو

پشپا پنهنجي اباڻو شهر سامارو ۾ هڪ اين جي او، ماري اسٽوپس سوسائيٽي لاءِ ڪم ڪيو هيو. انکانپوءِ هي ميڊيڪل جي شعبي ۾ شامل ٿي. 2018 تائين، پشپا ڪماري بي نظير ڀٽو ايڪسيڊينٽ ۽ ايمرجنسي ٽراما سينٽر ۾ انتهائي نگهداشت (انٽيسيو ڪيئر يونٽ، آءِ سي يو) ۾ ٽيڪنيشن طور ڪم ڪيو. هن 2016ع ۾ اي ايس آءِ جي لاءِ پبلڪ سروس ڪميشن جو فارم ڀرايو هو.[10] 2018 ۾، هن خالي اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر پوسٽ لاءِ درخواست ڏني ۽ جنوري 2019 ۾ مقابلي وارو امتحان پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان ڪوائليفائي ڪيائين، جيڪو قابليت عمر ۽ پوليس جي اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر (اي ايس آئي) بڻجي وئي. [8]

ذاتي زندگي سنواريو

پشپا ڪماري پنجن ڀائرن مان سڀني کان ننڍي آهي،[2] سندس تعلق سنڌ جي ميرپورخاص ضلعي جي سامارو ڳوٺ ۾ هڪ مڊل ڪلاس گهراڻي سان آهي.[2] هن جي ماءُ خانداني منصوبابندي ۾ آفيسر طور آبادي جي ڀلائي واري کاتي لاءِ ۾ ڪم ڪندي آهي.[2] سندس پيءُ هڪ پسارڪو دڪان هلائيندو آهي.[2]

پشپا ڪماري نارائڻ داس سان شادي ڪئي آهي، جيڪو بحريا ٽائون ۾ سپروائيزر طور ڪم ڪري ٿو. هن وقت هو ڪراچي ۾ رهائش رکندو آهي. هن جو مڃڻ آهي ته برادري جون ٻيون ڇوڪريون ۽ عورتون هن کان متاثر ٿي پوليس، فوج، هوائي فوج يا بحري وانگر ڪيريئر ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ڪنديون. [8][11]

پڻ ڏسو سنواريو

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 onlineindus.com https://onlineindus.com/sindhi/86984. حاصل ڪيل 2020-11-27.  Missing or empty |title= (مدد)
  2. 2.0 2.1 2.2 2.3 2.4 2.5 "Upwards and onwards: Sindh Police appoints first Hindu woman ASI". The Express Tribune. حاصل ڪيل 2020-11-27. 
  3. Sachwani, Anusha. "Sindh Police Appoints First Hindu-Woman as ASI | Brandsynario". حاصل ڪيل 2020-11-27. 
  4. "First Hindu woman appointed as ASI in Sindh Police". BOL News. حاصل ڪيل 2020-11-27. 
  5. Ashfaq Ahmed (4 September 2019). "Pushpa has become the first Pakistani Hindu girl to serve as police officer in Sindh Pakistani Hindu girl Pushpa from Sindh province takes over as Assistant Sub Inspector". Gulf news. https://gulfnews.com/world/asia/pakistan/pushpa-has-become-the-first-pakistani-hindu-girl-to-serve-as-police-officer-in-sindh-1.66201441. 
  6. "Pak's Sindh province get first Hindu woman police officer". Indian Express. 4 September 2019. https://indianexpress.com/article/pakistan/hindu-girl-becomes-first-police-officer-in-paks-sindh-province-5966010/. 
  7. Arora, Kamna. "Pakistan: In a historic first, Hindu girl inducted into Sindh Police; here's how Twitter reacted". Pakistan news. حاصل ڪيل September 16, 2020. 
  8. 8.0 8.1 8.2 8.3 Hafeez Tunio (5 September 2019). "Upwards and onwards: Sindh Police appoints first Hindu woman ASI". Express Tribune. https://tribune.com.pk/story/2049475/upwards-onwards-sindh-police-appoints-first-hindu-woman-asi?amp=1. 
  9. Media, Naya Daur. "In A First, Hindu Woman Appointed As ASI In Sindh Police". Medium. حاصل ڪيل 2020-11-27. 
  10. آرڪائيو ڪاپي, وقت 2020-12-05 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2020-11-27 
  11. "پشپا ڪماري ڪميشن پاس ڪري صوبيدار ٿي وئي". Daily Sindhyar. حاصل ڪيل 2020-11-27.