پرٿ (انگريزي: Perth) اسڪاٽلينڊ جو ھڪ شھر جيڪو پرٿشائر ڪائونٽي جي گاديءَ جو ھنڌ آھي ۽ ٽي نديءَ (Tay River) جي ڪنارن تي آباد آھي. 2018ع جي انگن اکرن مطابق ھن شھر جي آبادي 47،430 آھي[1]. پرٿ کي 2012ع ۾ شھر جو درجو ڏنو ويو[2]. ھي شھر ايڊنبرا کان اٽڪل 45 ميل اتر اولھ ۾ ۽ گلاسگو کان اٽڪل 59 ميل اتر اوڀر ۾ آباد آھي. ڊنڊي شھر ھتان کان اٽڪل 21 ميل اوڀراتر ۾ واقع آھي.

پرٿ
شھر
St John's Kirk
Fair Maid's House
Municipal Buildings
Perth Museum and Art Gallery
مٿان کان ھيٺ: سينٽ ميٿيو جو گرجا گھر، سينٽ جان ڪرڪ، فيئر ميڊس ھائوس، ميونسپل جون عمارتون، پرٿ ميوزيم ۽ آرٽ گئلري
پرٿ}}
قومي نشان
پرٿ is located in Scotland
پرٿ
پرٿ
پرٿ is located in the United Kingdom
پرٿ
پرٿ
پرٿ is located in Europe
پرٿ
پرٿ
اسڪاٽلينڊ ۾ بيھڪ##برطانيہ ۾ بيھڪ##يورپ ۾ بيھڪ
جاگرافي بيهڪ: 56°23′45″N 03°26′00″W / 56.39583°N 3.43333°W / 56.39583; -3.43333مڪانيت: 56°23′45″N 03°26′00″W / 56.39583°N 3.43333°W / 56.39583; -3.43333
ملڪ برطانيہ
ملڪ  اسڪاٽلينڊ
ڪائونسل ايريا پرٿ ۽ ڪنروس
پکيڙ
 • ڪل 17.5 ڪ.م2 (6.8 ميل2)
آبادي
 • ڪل 47,430

پرٿ اسڪاٽلينڊ جي پراڻن ۽ قديم شھرن مان ھڪ آھي ۽ ھن جي تاريخ 8000 سالن کان بہ پراڻي آھي. ڪنھن زماني ۾ ھي شھر اسڪاٽلينڊ جي گاديءَ جو ھنڌ ۽ اسڪاٽلينڊ جو ھڪ مکيہ ڪاروباري، سياسي ۽ ثقافتي مرڪز ھو. ھتان جي اسڪون محل (Scone Palace) ۾ ڪيترن ئي بادشاھن اسڪاٽلينڊ جو تخت ۽ تاج ماڻيو.

موجودھ پرٿ شھر اسڪاٽلينڊ جو ھڪ وڏو تفريحي مرڪز آھي جتي ڪيترائي دڪان، ھوٽلون ۽ ٻيو دلچسپيءَ جو سامان موجود آھي. ھي شھر اسڪاٽلينڊ ۾ کاڌن جي رڌ پچاءُ جو وڏو مرڪز آھي. 2018ع ۾ ھن کي اسڪاٽلينڊ جي کاڌن جو شھر قرار ڏنو ويو.

تاريخ سنواريو

ٻوليءَ جي ماھرن جو چوڻ آھي تہ ”پرٿ“ پڪٽش (Pictish) ٻوليءَ جو لفظ آھي جنھن جي معنيٰ آھي ”ڪاٺ“ يا ”وڻن جو جھڳٽو“[3]. پوئين وچولي دور ۾ ھن شھر کي ”سينٽ جانسٽئون“ (Saint Johnstoun) سڏيو ويندو ھو. ھي نالو عيسائي مذھب جي مشھور بزرگ جان دي بيپٽسٽ (John the Baptist) سان عقيدت جي اظھار طور رکيو ويو. آثارقديمہ جي ماھرن کي ڪجهه اھڙا اھڃاڻ مليا آھن جن جي آڌار تي چئي سگھجي ٿو تہ اڄ کان اٽڪل 8000 سال پھرين وچئين پٿر واري دور ۾ جانورن جو شڪار ڪندڙ ماڻھن ھتي پنھنجي ھڪ وسندي قائم ڪئي ھئي. ھتي فصل پوکڻ جو رواج اٽڪل چار ھزار سال قبل مسيح ۾ نئين پٿر واري دور ۾ پيو. ھتان 1000 سال قبل مسيح ۾ ٺھيل ڪاٺ جي ٻيڙي پڻ ملي آھي.

شھر کان اٽڪل ٽي ڪلوميٽر اتر اوڀر ۾ اسڪون (Scone) نالي ھڪ ننڍو شھر موجود آھي. ھن شھر ۾ ھڪ شاھي محل موجود آھي جنھن کي اسڪون محل سڏيو وڃي ٿو. ھي محل اسڪاٽلينڊ جي البا بادشاھت (Kingdom of Alba) واري دور ۾ بادشاھن جي درٻار ۽ رھائش طور استعمال ٿيندو ھو. بادشاھن جي رھائش سبب پرٿ کي اسڪاٽلينڊ جي گاديءَ واري شھر ھئڻ جي حيثيت حاصل ھئي. ڪنگ وليم ھن شھر کي اوائلي ٻارھين صديءَ ۾ شاھي برگ (Royal Burgh) جو درجو ڏنو. ٻارھين ۽ تيرھين صديءَ ۾ ھي شھر سلطنت جو سڀ کان شاھوڪار شھر رھيو. انھيءَ دور ۾ ھن شھر جا فرانس، اسپين، نيدرلينڊز ۽ بالٽڪ ملڪن سان گھرا واپاري لاڳاپا رھيا. ھتي ھڪ شاھي قلعو بہ موجود ھو جيڪو 1209ع ۾ ٽي (Tay) نديءَ ۾ آيل ٻوڏ سبب تباھ ٿي ويو. انھيءَ قلعي جي تباھيءَ کان پوءِ ٻيو قلعو تعمير نہ ٿي سگھيو. انگلينڊ جي بادشاھ ڪنگ ايڊورڊ پھرئين (King Edward I) 1296ع ۾ ھن شھر تي قبضو ڪري ورتو[4] پر اسڪاٽلينڊ جي بادشاھ رابرٽس دي بروس (Roberts the Bruce) 1312ع ۾ ھي شھر انگريزي فوجن کان خالي ڪرائي ورتو[5]. 1335ع کان 1339ع تائين ھتي انگريزن ٻيھر قبضو ڪيو[6]. 1336ع ۾ انگلينڊ جي بادشاھ ايڊورڊ ٽئين (Edward III) شھر جي چوڌاري مضبوط ڀتيون ڏياريون جن جي دروازي تي شاھي پھريدار ھميشہ موجود ھوندا ھئا. پندرھين کان ارڙھين صدي عيسويءَ جي پھرئين اڌ تائين ھن شھر ڪئين لاھا ۽ چاڙھا ڏٺا ۽ ھي شھر ڪڏھن اسڪاٽلينڊ تہ ڪڏھن وري انگريزن جي ھٿ ھيٺ رھيو.

1760ع ۾ پرٿ اڪيڊميءَ جو بنياد رکيو ويو۽ ھتي سڻي، چمڙي، ڪپڙن ڌوئڻ جي سامان ۽ وسڪي سميت مختلف صنعتون قائم ٿيون. 1848ع ۾ ھتي ريلوي اسٽيشن قائم ٿي. 1890ع واري ڏھاڪي دوران شھر اندر گھوڙي گاڏيون ھلنديون ھيون پر ستت ئي انھن جي جاءِ بجليءَ تي ھلندڙ ٽرامن سنڀالي ورتي. پھرين عالمگير جنگ دوران ايندڙ سماجي ۽ صنعتي تبديلين جو ھن شھر تي ڪو خاص اثر نہ ٿيو. 1829ع ۾ ھتي جنم وٺندڙ سر جارج مري (Sir George Murray) اولھ آسٽريليا ۾ پرٿ نالي شھر جو بنياد رکيو جيڪو اڄ آسٽريليا جي اھم شھرن ۾ شمار ٿئي ٿو.

شھر جو درجو سنواريو

پرٿ کي ھڪ ڊگھي عرصي کان شھر سڏيو ويندو ھو. 1990ع واري ڏھاڪي ۾ برطانوي سرڪار ”شھر“ جي نئين وصف ٺاھي ۽ انھيءَ نئين وصف جي روشنيءَ ۾ برطانوي شھرن جي فھرست جاري ڪئي. انھيءَ نئين فھرست ۾ پرٿ جو نالو شامل نہ ھو، انھيءَ ڪري پرٿ کي ”سابق شھر“ جو نالو ڏنو ويو. جون 2007ع ۾ اسڪاٽلينڊ جي فرسٽ منسٽر ايليڪس سيلمونڊ (Alex Salmond) ھن شھر کي ٻيھر شھر جو درجو ڏيارڻ واري تحريڪ جي حمايت ڪئي. 14 مارچ 2012ع تي برطانيہ جي راڻي ايلزبيٿ ثاني ھن شھر کي ٻيھر شھر قرار ڏيڻ جو اعلان ڪيو[7]. 6 جولاءِ 2012ع تي راڻيءَ ھن شھر جو دورو پڻ ڪيو.

ثقافت سنواريو

پرٿ ميوزيم ۽ آرٽ گئلريءَ جو شمار اسڪاٽلينڊ جي پراڻن عجائب گھرن ۾ ٿئي ٿو. ھي عجائب گھر جارج اسٽريٽ جي اوڀرئين ڇيڙي وٽ قائم ٿيل آھي[8]. فرگوسن گئلري ھتي جو ٻيو عجائب گھر آھي جيڪو ٽي اسٽريٽ ۾ 1992ع ۾ قائم ڪيو ويو. پرٿ ٿيٽر 1900ع ۾ قائم ٿيو. 10 ملين پائونڊ جي خرچ سان ھن ٿيٽر کي بھتر بنايو ويو آھي. پرٿ ڪنسرٽ ھال 2005ع ۾ کوليو ويو آھي. پرٿ سٽي ھال ۾ بہ ڪيترائي ڀيرا ڪنسرٽ جو اھتمام ڪيو ويو آھي. پرٿ ۾ ھر سال آرٽس جو ميلو لڳندو آھي جنھن ۾ فن، ٿيٽر، اوپيرا ۽ موسيقيءَ جا پروگرام منعقد ٿيندا آھن. ھي شھر رات جو بہ رونقن سان ڀريل ھوندو آھي ۽ ھتي ڪيترائي نائيٽ ڪلب ۽ شراب خانا رات جي وقت کليل ھوندا آھن.

سير ۽ سياحت سنواريو

ھن شھر ۾ ڪيتريون ئي ڏسڻ ۽ گھمڻ جھڙيون جايون موجود آھن. انھن مان ڪجهه خاص جاين جو ذڪر ھيٺ ڏجي ٿو:

  • سينٽ جان ڪرڪ (Saint John's Kirk): ھي ھڪ تاريخي گرجا گھر آھي جيڪو فن تعمير جو ھڪ نادر نمونو آھي. ھي گرجا گھر پھريون ڀيرو 1126ع ۾ تعمير ٿيو ۽ 1448ع ۾ ھن جي ٻيھر تعمير ٿي.
  • ڪنگ جان ڇھين جي اسپتال (Kong John VI Hospital): ھن اسپتال جي عمارت 1750ع ۾ جڙي راس ٿي ۽ ھن جو شمار شھر جي بھترين تاريخي عمارتن ۾ ٿئي ٿو.
  • سينٽ پال چرچ
  • فيئر ميڊس ھائوس
  • رابرٽ برنس جو مجسمو
  • لوور سٽي ملس (Lower City Mills)

آبھوا سنواريو

ھتان جي آبھوا سامونڊي (ڪوپن: Cfb) آھي. ھتي اونھاري جي موسم خوشگوار ۽ سياري ۾ ٿڌ پوي ٿي. ھي اسڪاٽلينڊ جي انھن شھرن مان آھي جن جي موسم وچٿري رھي ٿي. پرٿ جي تاريخ جو گھٽ ۾ گھٽ گرميءَ جو درجو 21.70C- ھو جيڪو 14 نومبر 1919ع ۾ رڪارڊ ڪيو ويو. ان جي ابتڙ وڌ ۾ وڌ گرميءَ جو درجو 31.40C ھو جيڪو جولاءِ 1995ع ۾ رڪارڊ ڪيو ويو.

موسمي رڪارڊ : Perth (23 m asl, averages 1981–2010, extremes 1960–present)
مھينو جنور: فبرو: مارچ اپريل مئي جون جولاء آگسٽ سيپ: آڪٽو: نومبر ڊسمبر سال
وڌ ۾ وڌ رڪارڊ°C (°F) 14.8
(58.6)
15.9
(60.6)
21.4
(70.5)
23.9
(75)
28.1
(82.6)
31.1
(88)
31.4
(88.5)
30.3
(86.5)
27.7
(81.9)
24.0
(75.2)
17.7
(63.9)
15.4
(59.7)
31.4
(88.5)
اوچي پد جي
سراسري°C (°F)
6.9
(44.4)
7.1
(44.8)
9.2
(48.6)
12.2
(54)
15.5
(59.9)
18.2
(64.8)
20.1
(68.2)
19.4
(66.9)
16.6
(61.9)
12.9
(55.2)
9.1
(48.4)
6.8
(44.2)
12.8
(55)
روزاني سراسري°C (°F) 3.7
(38.7)
3.9
(39)
5.7
(42.3)
8.0
(46.4)
10.9
(51.6)
13.7
(56.7)
15.6
(60.1)
15.1
(59.2)
12.7
(54.9)
9.2
(48.6)
5.9
(42.6)
3.5
(38.3)
9.0
(48.2)
گھٽ پد جي
سراسري°C (°F)
0.4
(32.7)
0.7
(33.3)
2.1
(35.8)
3.7
(38.7)
6.2
(43.2)
9.2
(48.6)
11.1
(52)
10.8
(51.4)
8.7
(47.7)
5.5
(41.9)
2.6
(36.7)
0.2
(32.4)
5.1
(41.2)
گھٽ ۾ گھٽ
رڪارڊ°C (°F)
−18.6
(−1.5)
−15.1
(4.8)
−11.9
(10.6)
−5.3
(22.5)
−3.7
(25.3)
−1.1
(30)
3.2
(37.8)
2.9
(37.2)
−3.6
(25.5)
−6.5
(20.3)
−10.2
(13.6)
−17.8
(0)
−18.6
(−1.5)
سراسري پرسپييئيشن mm (انچ) 89.4
(3.52)
57.1
(2.248)
58
(2.28)
46.1
(1.815)
50.8
(2)
59
(2.32)
57
(2.24)
65.8
(2.591)
72
(2.83)
96.9
(3.815)
81.7
(3.217)
77.6
(3.055)
811.3
(31.941)
اس جي ماھوار
وقت جي سراسري
43.1 66.2 112.4 153.3 180.8 163.5 176.8 155.8 122.2 83 61.3 32.9 1,351.2
Source: Weatherbase[9]

حوالا سنواريو

  1. Team, National Records of Scotland Web. "National Records of Scotland". National Records of Scotland. حاصل ڪيل 2022-02-26. 
  2. "Scottish Cities | Scotland.org". Scotland. حاصل ڪيل 2022-02-26. 
  3. Mills, David (2011-10-20) (en ۾). A Dictionary of British Place-Names. OUP Oxford. ISBN 978-0-19-960908-6. https://books.google.com.pk/books?id=tXucAQAAQBAJ&redir_esc=y. 
  4. Graham-Campbell Perth: The Fair City p14
  5. Graham-Campbell Perth: The Fair City pp16–17
  6. "Perth | Scotland, United Kingdom | Britannica". www.britannica.com. حاصل ڪيل 2022-02-26. 
  7. "Perth wins Diamond Jubilee contest to be named seventh Scottish city" (en-GB ۾). BBC News. 2012-03-15. https://www.bbc.com/news/uk-scotland-tayside-central-17365611. 
  8. "Wayback Machine" (PDF). web.archive.org. حاصل ڪيل 2022-02-26. 
  9. {{cite web, url=http://www.weatherbase.com/weather/weather.php3?s=075130 ,title=Weatherbase: Perth, Scotland Records and Averages,access-date=22 November 2011,publisher=Weatherbase,archive-url=https://web.archive.org/web/20131004221318/http://www.weatherbase.com/weather/weather.php3?s=075130,archive-date=4 October 2013,url-status=live}}
  10. {{cite web url=http://www.metoffice.gov.uk/public/weather/climate/gfj8cfqv3,title=Perth climate information ,publisher=Met Office, access-date=11 September 2016,archive-url=https://web.archive.org/web/20161007172247/http://www.metoffice.gov.uk/public/weather/climate/gfj8cfqv3,archive-date=7 October 2016,url-status=live}}