پرين جون ڪهاڻيون

پرين جو ڪهاڻيون __(Fairy Tales):

پرين جون ڪهاڻيون،لوڪ ادب (folk literature) ۽تصوراتي ۽ غير حقيقي ادب (Supernatural) ۾ اچن ٿيون. هنن آکاڻين ۾ خيالي ۽ غير حقيقي دنيا سان وابسته منظر ڏيکاريا ويندا آهن. ڪوھ ڪاف جون پريون، ڪهاڻين ۾ خاص طور تي مشهور آهن.پري هڪ خوبصورت ۽ حسين عورت تصور ڪئي ويندي آهي، جنهن کي پر هوندا آهن ۽ اها گهڻي ڀاڱي رحمدل هوندي آهي. سنڌيءَ ۾ بيشمار پرين جون ڪهاڻيون موجود آهن. سنڌي لوڪ ڪهاڻين جا ڪجهه جلد ديوين ۽ پرين جي ڪهاڻين تي ٻڌل آهي.[1]

حوالا سنواريو

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي