پريا راجونش

هندستاني اداڪارڻ (ناٽڪڻ)

پریا راجونش انگريزي ٻولي: Priya Rajvansh (پيدا: 30 ڊسمبر 1936ء، وفات: 27 مارچ 2000ء) ھڪ ڀارتي فلمي اداڪارا آھي۔ ان جو سڄو نالو زیرا سندر سنگھ ھو۔ ھؤ ھندي ٻولي جي فلم هير رانجها (1970ء) ۽ ھنستي زخم (1973ء)جي ڪري مشھور آھي. ان پنھنجي ڪيريئر ۾ ڪيتريون سٺيون فلمون ڏنيون اھن.

پريا راجونش Priya Rajvansh

پريا راجونش Priya Rajvansh
پيدائش ويرا سُندر سنگهه
30 ڊسمبر 1936
شملا, پنجاب, برٽش انڊيا
(هاڻي شملا, هماچل پرديش, انڊيا)
وفات 27 مارچ 2000 (عمر 63 سال)
ممبئي, مھاراشٽر, انڊيا
پيشو ناٽڪڻ
سَرگَرمُ سالَ 1964–86
گهريلو ساٿي (ڇڙو) چيتن آنند

حالات زندگي سنواريو

پريا جو اصلي نالو ھو زيرا سندر سنگھ آھي۔ اِنجي پيدائش جھلم ۾ ٿي ھئي ۽ تقسيم کان پوءِ ان جو خاندان شملا شفٽ ٿي ويو۔ اتي اِن ابتدائي تعلیم حاصل ڪئي۔ پوءِ اذان ان جو پيءُ لندن ھليو ويو ۽ ان لندن ۾ ھي تعليمي سلسلي کي اڳتي وڌايو۔ پيءُ گڏيل قومن ۾ ملازم ھو۔[1][2][3] مشھور ھدايتڪار چيتن آنند جي ھڪ فلم کان پريا فلمي سفر جو آغاز ڪيو جنھن ۾ چتن آنند جو ڀاءُ ديو آنند پر اُن سان گڏھ ڪم ڪيو۔ ھيءَ فلم تقسيم ھند جي موضوع تي ٺھي رھي ھئي پوءِ ان فلم تي ڪونٽرو ورسي چھڙ ڪئي ۽ فلم بند ڪري ڇڏي۔ پوءِ فلم حقيقت سان پريا ھڪ دفو ٻيو اسڪرین تي جلوا افروز ٿي۔ فلم ھير رانجھا ۾ ھير جو ڪردار ادا ڪيو پريا کي امر ڪري ڇڏيو۔ ويھ سال جي ڪريئر ۾ پريا بمشڪل ست اٺھ فلمن کي ۽ ھي سڄي چتن آنند جي فلمون ھيون۔ پریا کي ستيا جيت را ۽ راج ڪپور پنھنجي فلمن ۾ وٺھڻ چاھيو ٿي پر اُن منا ڪري ڇڏي ۔ پريا چيتن آنند کان عمر ۾ ويھ سال ننڍي ھئي ۽ جڏھن اُن جي ملاقات چتن سان ٿي، تڏھن ھو چتن پنھنجي پھرين زال کان جدا ٿي ويو ھو ۔ چتن ۽ پريا گڏ رھڻ لڳا پر اُنھي ڪڏھن شادي نہ ڪئي۔ پريا چيتن جو جام خيال رکندي ھوئي ۽ اُنکي آخري وقت تائين ان سان گڏ رھي۔ چيتن جي پھرين زال مان ٻہ پٽ ٿيا جو پريا کي پسند نہ ڪندا ھوآءَ۔ چيتن مرڻ کان پھريان پنھنجي ملڪيت جو وڏو حصو پريا جي نالي ڪري ڇڏيو ۽ ان ڳالھ تي چيتن جا پٽ ناخوش ھواءَ۔

ڪيريئر سنواريو

ان جي سٺيھن فلمن ۾ 1986ء جي فلم هاٿون ڪي لڪيرين اھي جنھن ۾ ان سان مالا آر سنگھ يادو جو ڪردار ڪيو۔ 1981ء جي فلم قدرت ۾ ان ڪرونا جو ڪردار ڪيو۔ 1977ء جي فلم صاحب بھادر ۾ ان کي ڪردار جو نالو مينا ھو۔ 1973ء جي فلم ھندوستان جي قسم ۾ ھوءَ موھني جي نالي سان پردي تي نظر آئي۔ 1970ء جي فلم ھير رانجھا ڏاڍي مشھور ٿي جنھن ۾ ان کي ھير جو ڪردار ڪي امر ڪيو۔ 1964ء ۾ فلم حقيقت آئي جنھن ۾ ان کي ڪردار جو نالو انگمو ھو۔

ذاتي زندگي سنواريو

پريا ۽ چيتن آنند گڏ رھندا ھؤا ۽ پاڻ ۾ ويجھا تعلقات ھؤا۔ ان وٽ ٻہ گھر ھؤا۔ ان جا ٻہ ڀاءَ ڪملجيت سنگھ ۽ پدمجيت بالترتيب سنگھ لنڊن ۽ گڏيل آمريڪي رياستن ۾ پلي ڀري۔ ان جو اباڻو گھر چندي ڳڙھ ۾ آھي۔[4]

وفات سنواريو

27 مارچ 2000ء کو پريا جو خون ڪيو ويو. ۽ چتن جي ٻنھي پٽن کي عمر قيد جي سزا ٿي۔

حوالا سنواريو