پريانڪا چوپڙا جوناس (انگريزي: Priyanka Copra Jonas)، (پيدائش 18 جولاءِ 1982ع)، ھندوستاني اداڪارا، ماڊل، فلم ھدايتڪار ۽ ڳائڻي آھي.[1] 2000ع جي مِس ورلڊ مُقابلي جي کٽيندڙ ھُجڻ سان گڏ انڊيا جي سڀ کان وڌيڪ پئسا وٺندڙ ۽ مشھور اداڪارائن ۾ ڳڻجي ٿي. ھن ٻہ نيشنل فلم ايوارڊ ۽ پنج فلم فيئر ايوارڊ سميت ٻيا بہ ڪيترائي اعزاز حاصل ڪيا آھن. 2016ع ۾ ھندوستان جي حڪومت کيس پدما شري جي اعزاز سان نوازيو ۽ ٽائيم پاران "دُنيا جا 100 بااثرترين شخص" جي فھرست ۾ ھن جو نالو ڏنو ويو، جڏھن تہ ايندڙ ٻن سالن تائين فوربز "دُنيا جون 100 طاقتورترين عورتون" جي فھرست ۾ سندس نالو رکيو.

پريانڪا چوپڙا 2018ع ۾ گلوبل ايجوڪيشن اينڊ اِسڪلس فورم ۾

حوالا سنواريو

  1. Hungama, Bollywood. ""I've Always Been Part of Big VFX Blockbuster Films...": Priyanka Chopra - Bollywood Hungama". حاصل ڪيل 2021-12-09.