پروفيسر ڊاڪٽر عبدالمجيد چانڊيو (انگريزي:Abdul Majeed Chandio) سنڌ پاڪستان ۾ جنم وٺندڙ ليکڪ ۽ پروفيسر آهي.

پروفيسر عبدالمجيد چانڊيو

زندگي جو احوال سنواريو

ڊاڪٽر عبدالمجيد چانڊيو جو جنم 5 ڊسمبر 1956ع ۾ دادو ضلعو جي خيرپور ناٿن شاه تعلقو جي ڳوٺ ستاڻي چانڊيو ۾ ناليواري حڪيم ۽ محقق خليفي حڪيم عبدالحميد چانڊيو جي گھر ۾ ٿيو.[1]

تعليم سنواريو

پروفيسر بنيادي تعليم ڳوٺ ستاڻي چانڊيو جي پرائمري اسڪول ۾ حاصل ڪئي. هن مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول گوزو ۽ انٽرميڊيئيٽ مسلم ڪاليج حيدرآباد منجهان پاس ڪيايائين. هن سنڌ يونيورسٽي جي شعبي بين الاقوامي تعلقات ۾ بي اَي آنرز ۾ ٻين پوزيشن ۽ ايم اَي پهرين پوزيشن ۾ پاس ڪئي.هن اعلي تعليم روس ۽ برطانيا مان حاصل ڪئي[1]

علمي ۽ ادبي خدمتون سنواريو

ڊاڪٽر عبدالمجيد ايم اي ڪرڻ بعد سنڌ يونيورسٽي جي شاھ عبداللطيف يونيورسٽي ڪئمپس خيرپور ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. 1987ع ۾ شاھ لطيف ڪئمپس کي يونيورسٽي جو درجو ملڻ کانپوءِ هو ان يونيورسٽيءَ جو پهريون استاد هو جنهن کي ڊاڪٽر جي تعليمي ڊگريءَ لاءِ روس موڪليو ويو. 1992ع ۾ اڳوڻي سوويت يونين جي يوڪرائين (موجوده يوڪرائين) جي گادي واري شهر ڪيف جي تاراس شيفچينڪو اسٽيٽ يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف انٽرنيشنل رليشنز اينڊ لا مان “بين الاقوامي لاڳاپا ۽ پرڏيهي پاليسي جي تاريخ” تي پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪيائين. ڊگري کان ترت پوءِ سندس پروفيسرن جي آڇ تي ڪجهه عرصي لاءِ ماسڪو ۾ انسٽيٽيوٽ آف اورينٽل اسٽيڊيز اڪيڊمي آف سائنسز يو ايس ايس آر هاڻوڪو انسٽيٽيوٽ آف اوريئنٽل اسٽڊيز رشين اڪيڊمي آف سائنسز ۾ ڏکڻ ايشيا جي معاملن بابت جڳ مشهور برک روسي اسڪالر پروفيسر ولاديمير نڪولائيوچ ماسڪالينڪو (V.N. Moskalenko) ۽ پروفيسر وياچيسلاف يوريوچ بيلوڪرينيٽسڪي (Vyacheslav Y. Belokrenitsky) سان گڏ تحقيقي ڪم ڪيو. پوءِ واپس اچي خيرپور يونيورسٽي ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيڻ شروع ڪيائين. 2005ع ۾ بين الاقوامي تعلقات جي شعبي ۾ وڌيڪ تعليم لاءِ برطانيا روانو ٿيو جتي يونيورسٽي آف مانچيسٽر ۾ سياست جي شعبي جي سربراھ پروفيسر ڊيوڊ فيرل جي رهنمائي ۾” ڏکڻ ايشيا ۾ روس جون پاليسيون“ جي عنوان تي پوسٽ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري لاءِ تحقيق مڪمل ڪري ڏيھ واپس اچي شاھ عبداللطيف يونيورسٽي ۾ بين الاقوامي لاڳاپن واري شعبي جو چيئرمين مقرر ٿيو.[2] شعبي جي سندس سربراهي دوران بين الاقوامي لاڳاپن واري شعبي کي انسٽيٽيوٽ جو درجو مليو. ان سان گڏ ٻيا مختلف شعبا جهڙوڪ علم سياسيات، پبلڪ ايڊمنسٽريشن، ميڊيا اسٽيڊيز ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو اسڪول آف لا جا شعبا قائم ڪرايا ئين ۽انهن شعبن ۾ باني سربراھ جي حيثيت سان ڪم ڪيائين. ڊاڪٽر عبدالمجيد 2016ع ۾ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي سوشل سائنسز فئڪلٽي جي ڊين جي عهدي تان رٽائر ٿيو. ڊاڪٽر عبدالمجيد چانڊيو جي نگراني ۾ سندس شعبي ۾ ڪيترن ئي شاگردن ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جون ڊگريون حاصل ڪيون.[3] هيءُ سنڌ حڪومت جي تعليم واري کاتي ۾ ڊپٽي سيڪريٽري ۽ بعد ۾ ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليمي بورڊ حيدرآباد جو سيڪريٽري پڻ رهيو. پروفيسر ڊاڪٽر عبدالمجيد چانڊيو عالمي سياست ۽ بدلجندڙ سياسي صورتحال تي گهري نظر رکي ٿو.[4] هن ان سلسلي ۾ سنڌي ، اردو ۽ انگريزي اخبارن ۾ ڪيترائي ڪالم پڻ لکيا آهن.[1][5][6]

حوالا سنواريو

دادو ضلعو