جنم سنواريو

پروانو ڀٽي ، 16 فيبروري 1934ع تي دادو ضلعي جي ڦلجي اسٽيشن لڳ ڳوٺ پيارو آرائين ۾ گل محمد ڀٽيءَ جي گهر پيدا ٿيو.

سوانح سنواريو

پرواني ڀٽيءَ (Parwaano Bhatti) جو اصل نالو ميوو خان هئو، 1957ع ۾ تپيداريءَ جو امتحان پاس ڪرڻ کانپوءِ. تپيدار ٿيو، پر کيس ڄڻ ان ڪم جي سمجهه نه آئي. 1958ع ۾ هن نوڪري ڇڏي ۽ صحافت جي جهان سان سلهاڙجي ويو. شاهه لطيف تي ٿيندڙ ادبي ڪانفرنس ۾ شامل ٿيڻ سان گڏوگڏ ادبي گڏجاڻين ۾ شامل رهندو هئو. اخبار، اسٽيج، ريڊيو، ٽيليويزن ۽ فلم سندس حياتيءَ جو خاص محور رهيا. فلم ”محبوب مٺا“ ۾ ته ڪردار به ادا ڪيائين. ڪيترين ئي ادبي تنظيمن ۽ ادارن جو ميمبر رهيو. اٺونجاهه سال، لکڻ پڙهڻ ساڻ سندس ساٿ رهيو.

پروانو، هر نسل سان سندس سوچ مطابق هليو. هن لڳ ڀڳ ٽن نسلن جي ذهني آبياريءَ ۾ ساٿ ڏنو. ”ٽڙندڙ مُکڙيون“ ۽ ”سرهاڻ“ نالي ڪتابن جو ليکڪ، هڪ شاعر، هڪ پيشڪار، هڪ اداڪار، هڪ نثر نويس، پنهنجي ذات ۾ بي انتها گُڻ رکندڙ ۽ اُنهن سڀني گُڻن کي ايڪتا سان سلهاڙيندڙ پروانو ڀٽي صاحب، روايتن ۽ وضعداريءَ سان سنڌين جي ايڪتا جو هڪ خوبصورت استعارو هو.

لاڏاڻو سنواريو

پروانو ڀٽي گهڻو وقت بيمار رهڻ کان پوءِ حيدرآباد جي هڪ نجي اسپتال ۾ 3 نومبر 2016ع ٿي لاڏاڻو ڪري ويو. [1]

حوالا سنواريو