پَرسياوشان هڪڙو فرن جو قسم آهي، جو وارن جهڙو ٿو ٿئي. پر سياوشان فارسي نالو اٿس. عربيءَ ۾ شعرالارض (يعني زمين جا وار) چونس ٿا. انگريزيءَ ۾ميڊن هيئر (يعني ڪنئاريءَ زال جا وار). ڪتابي نالو آڊيانٿس اٿس. هن جا پنهنجا به ڪيترائي قسم آهن. اهي سڀ آسانيءَ سان پوکي سگهجن ٿا. ڪلڪتي جي سرڪاري باغ ۾ نه هن جا وڌيڪ نه، ته به ستر قسم پوکيل آهن. هن جون ڦريون ٿينديون آهن، جن مان ٻج نڪري ٿو ۽ جو پوکي سگهجي ٿو. پرسياوشان دوا جي ڪم ۾ به ايندو آهي.[1]

حوالا سنواريو

  1. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو