پاڪستان ۾ فوجي حڪومتون

پاڪستان ۾ فوجي حڪومتون:

فوجي انقلاب يا فوج پاران ڪنھن بہ ملڪ جي سياسي اقتدار تي قبضي واري عمل کي فرانسيسي محاوري ڪو ديتا coup d'état (Listeni/ˌk dˈtɑː/; فرينچ: [ku deta]) جي نالو ڏنو ويندو آهي. پاڪستان ۾ چار دفعا فوج اقتدار تي قبضو ڪيو آهي پھريون دفعو 1958 ۾ ، ٻيون دفعو 1969 ۾ ، ٽيون دفعو 1979 ۾ ۽ چوٿون دفعو 1999 ۾ . ڊاڪٽر مبارڪ علي مطابق ھر ڀيري فوج جو اقتدار ۾ اچڻ جو جواز ھڪڙو رھيو آھي تہ سياستدان بد عنوان آهن، ملڪ بيروني خطرن جو شڪار آهي ۽ ملڪ ۾ افراتفري آھي.پر فوج جي ھر ڀيري زبردستي اقتدار ۾ اچڻ باوجود آھي سڀ مسئلا حل ڪانہ ٿيا پر فوجي حڪومتون ويندي ويندي مسئلن جا انبار ڇڏي ويون.[1] ڊاڪٽر مبارڪ علي جي تجزيي مطابق اسان پنھنجي ماضي کي پري پري واري ماضي ۾ وڃي تلاش ڪندا آھيون پر 1947 کان پوءِ ڇا ٿيو يا ويجھڙ جي تاريخ ۾ ڇا ٿيو ان کان اسان ماڻهن کي پري رکي ڇڏيو آهي جنھن جو فائدو حڪمران طبقن ۽ سياستدانن کي پيو آهي ڇوته ھلندڙ حادثن جي ذميواري انھن جي ھوندي آھي ۽ تاريخ کان عام ماڻهن کي پري رکڻ جي ڪري ٿوري ئي عرصي ۾ آھي حادثا ماڻھن کا وسرڻ شروع ٿي وڃن ٿا ۽ سالن پراڻن واقعن جي ياد ڌنڌلي ٿي وڃي ٿي. فوجي حڪومتون اچڻ کان پوءِ ناڪامي جي صورت ۾ ماڻھن کان وسري وڃي ٿو تہ اليڪشن ۾ بيھندڙ سياستدان بدعنوانيون ڪري اقتدار ۾ خزانو لٽي چڪو آهي ۽ آھي سياستدان ھڪ دفعو ٻيھر پاڪ صاف بڻجي ماڻھن ۾ وڃن ٿا ۽ وري پنھنجي ايماندار ھجڻ جون ڳالهيون ڪري ماڻھن کان ووٽ وٺي اقتدار ۾ ٻيھر اچن ٿا . تاريخ کان عام ماڻهو کي پري رکڻ جي نتيجي ڪري حڪمران طبقو اھڙي طرح فائدو وٺي رھيو آھي.[1] سياستدان ۽ فوجي جنرل اقتدار ۾ اچي پنھنجي تاريخ لکرائيندا آھن جنھن ۾ ڪوئي بہ مجرم نہ ھوندو آھي ۽ سڀ قوم ۽ ملڪ جا ھمدرد ھوندا آھن اھڙي طرح حڪومت تبديل ٿيڻ سان تاريخ بہ تبديل ٿي ويندي آھي ۽ نصاب به بدلجي ويندو آهي. ڪڏھن ايوب خان ملڪ جو ھيرو ھيو تہ ڪڏھن ذولفقار علي ڀٽو . ضياء الحق آيو تہ ڀٽو گم ٿي ويو ۽ ضياء الحق مرد مومن ٿي ويو اھڙي طرح پاڪستان ۾ تاريخ جي شطرنج جي راند ھلندي پئي اچي. ڊڪٽر مبارڪ علي ھڪ سوال اٿاري ٿو تہ "اگر مسخ ٿيل تاريخ ذريعي ھڪ ڪوڙو شعور ماڻھن ۾ جاڳي پئي تہ ان جو ڪهڙو نتيجو پيدا ٿيندو " [2]

فيلڊ مارشل جنرل ايوب خان جي مارشل لا سنواريو

جنرل آغا يحي خان جي مارشل لا سنواريو

جنرل محمد ضياءَ الحق واري مارشل لا سنواريو

جنرل پرويز مشرف واري مارشل لا سنواريو

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 {کتاب: تاریخ کی باتیں؛ از: ڈاکٹر مبارک علی؛ پبلشرز: تاریخ پبلیکیشنز،لاہور صہ14}
  2. {کتاب: تاریخ کی باتیں؛ از: ڈاکٹر مبارک علی؛ پبلشرز: تاریخ پبلیکیشنز،لاہور صہ15}