پاڪستان جو گڏيل قومن ۾ مستقل نمائندو

پاڪستان جو گڏيل قومن ۾ مستقل نمائندو (انگريزي ٻولي: Permanent Representative of Pakistan to the United Nations)، پاڪستاني وفاق جو سفارتي عهدو آهي، جنهن جو ڪم نيويارڪ ۾ قائم گڏيل قومن جي صدر دفتر ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪرڻ آهي، ساڳي قسم جو الڳ سفارتي عهدو گڏيل قومن جي جنيوا سوئيزرلينڊ واري آفيس لاءِ پڻ مقرر ڪيل آهي.

سفارتڪار گڏيل قومن جي اداري لاءِ

مهر، حڪومت پاڪستان
پرڏيهي معاملن واري وزارت (پاڪستان)
عهديدار
مليهه لوڌي

6 فيبروري 2015 کان
رهائش مينهيٽن, نيويارڪ
تجويز ڪندڙ نواز شريف
مقرر ڪندڙ ممنون حسين
عھدي جي مدت 3 سال
شروعات پطرس بخاري
تشڪيل 1951
نائب شيخ نبيل منير نائب مستقل نمائندو
ويب سائيٽ پاڪستان مشن – ايو. اين.

اڪثر هن عهدي تي سفارتي خدمتون ڏيندڙن کي ڀرتي ڪيو ويندو آهي، پر ان سان گڏ ميڊيا، قانون سان تعلق رکندڙن کي پڻ هن عهدي تي فائز ڪيو ويندو آهي، هينئر هن عهدي تي مليهه لوڌي فائز آهي.

سفارتڪارن جي فهرست سنواريو

نالو عهدو سنڀاليو عهدو ڇڏيو
سيد عطاط حسين 1948 1951
پطرس بخاري 1951 1954
شهزادو علي خان فيبروري 1958 مئي 1960
محمد ظفرالله خان 1961 1964
سيد امجد علي 1964 1967
آغا شاهي 1967 1972
اقبال آخوند 1972 ?
نياز اي. نائيڪ 1978 1982
صفدر شاهه نواز 1982 1989
جمشيد مارڪر سيپٽمبر 1990 مارچ 1995
احمد ڪمال مارچ 1995 آگسٽ 1999
انعام الحق آگسٽ 1999 فيبروري 2000
شمساد احمد فيبروري 2000 مئي 2002
منير اڪرم مئي 2002 سيپٽمبر 2008
حسين هارون سيپٽمبر 2008 آڪٽوبر 2012
مسعود خان آڪٽوبر 2012 جنوري 2015
مليحه لوڌي فيبروري 2015 تاحال

خارجي ڳنڍڻا سنواريو

حوالا سنواريو