پاڙو (انگريزي ٻولي: Neighbourhood) (عربي ٻولي: محلة maḥalla, بنگالي: মহল্লা mahallā, هندي: मोहल्ला mōhallā, فارسي: محلهmaḥalla, اردو: محله) ھڪ انتظامي تقسيم آھي جيڪا عرب ملڪن، بلقان، ڏکڻ ايشيا اولھ ايشيا ۽ ويجھن ملڪن ۾ استعمال ٿئي ٿي۔

وصف سنواريو

ڀر ۾ اڏيل گهر، ٻه گهر هجن يا گهڻا گهر هجن، پر هڪٻئي جي ڀر ۾ هجن، ڀت ڀت سان هجين يا جنڊو گڏ هجي يا سامهون هجن. اهڙيءَ طرح اڏيل گهرن جي مجموعي کي ”پاڙو“ چوندا آهن. پاسي واري گهر ۾ رهندڙ کي ”پاڙيسري“ چوندا آهن. ٻهراڙين ۾ پاڙي ۾ فقط مٽن مائٽن جا گهر ٿيندا آهن، پر ننڍن يا وڏن شهرن ۾ ڪير به پاڙيسري ٿي سگهي ٿو، ڪا جهل پل نه هوندي آهي.

حق سنواريو

چوندا آهن ته ”پاڙو نبين کي به پيارو آهي“. پاڙيسرين جي حقن کي هر معاشري ۾ قبول ڪيو ويو آهي. نبي سڳوري صلي الله عليه وسلم پاڙيسريءَ جي حقن تي تمام گهڻو زور ڏنو آهي.[1]

حوالا سنواريو