پاٽلي پتر کان ڪراچي تائين

شاهراهه ريشم (Silk Road) جيڪا پاٽلي پتر (پٽنا) کان شروع ٿي ڪراچي (Karachi) تائين ايندي هئي. پاٽلي پتر جو ذڪر اين. ايم بليموريا (N.M Billimoria) پنهنجي مضمون ”قديم هندستان خاص طور سنڌ ۽ پنجاب ۾ ايراني (The Iranian in ancient India & specially in Sindh and Punjab) جنهن ۾ پاٽلي پتر بابت لکي ٿو ته، ”هاڻوڪي چئنا ميگا سٿينز جو بيان ڪيل بوٿرائي آهي. لڳ ڀڳ 300 ق.م ۾ اهو شهر گنگا ۽ سون يا سينا درياهه جي ميلاپ واري هنڌ تي موجود هو. اهو مگڌ (ڏاکڻي بهار جو علائقو) جي قديم سلطنت جي گاديءَ جو هنڌ هو. پهرئين اهو شهر ڪسم پور ۽ پشپاپور (گلن جو شهر) سڏبو هو. پٽالي هڪ گل جو نالو آهي.“ فاهئين (Fa-hian) چيني سياح 414-399 ق.م هتي آيو هو. اسٽرابو (Strabo) پنهنجي ڪتاب جاگرافي ۾ هن شهر جو ذڪر ڪيو آهي. ايران Arrian جي ڪتاب Indica ۾ به ان شهر جو ذڪر ٿيل آهي. اشوڪ اعظم جي دور 250 ق.م جي لڳ ڀڳ اهو شهر پنهنجي عروج تي هو. ڊاڪٽر اسپونر جنوري 1913ع کان ان جي کوٽائي شروع ڪئي. ان کوٽائي مان هندستان تي ايران جي اثر جو پتو پوي ٿو. ڊاڪٽر هندستان تي ايران جي ڳُوڙهي اثر هئڻ جي ثبوت ۾ سڪا ۽ ٻيون شهادتون پيش ڪيون هيون. انهن جي هڪ منڊي ڪراچي ۾ هاڻوڪي مٺا در واري علائقي ۾ واقع هئي. اهي واپاري قافلا سڪندر يوناني کان گهڻو اڳ هتي آيا ۽ اسڪائي ليڪس، ڪيٽي سياح، بطليموس، نيئرڪس، هيڪاٽڪس، ميگس ۽ ٻين يونانين (Greeks)، سنڌ جي ڪراچي واري ڪناري تي بندرگاهه جو ذڪر ڪيو آهي. يونانين کان اڳ هتي ايراني (Iranian) آيا، پر انهن علائقن جو ڪو تاريخي دستاويز نه ڇڏيو، جنهن جي ڪري قديم حوالي طور يونانين جو لکڻين تي ڀروسو ڪيو وڃي ٿو. [1] [2]


  1. Sindhi Adabi Board Online Library (History)
  2. ڪتاب: ڪراچي سنڌ جي مارئي