پانڊا سفارتڪاري

پانڊا سفارتڪاري يا پانڊا ڊپلو ميسي (Panda Diplomacy) چين جي قديم زماني جي ’تانگ‘ گهراڻي جي بادشاهيءَ دوران ، ان دور جي راڻِيءَ ’وُو زيتيان‘ (625-705 ق.م) طرفان ٿٻيٽ (Tibet) ۽ چين جي ڏاکڻي حصي ۾ پيدا ٿيندڙ بڦجدار رڇ جهڙو هي معصوم ۽ وڻندڙ جانور ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپا سٺا ڪرڻ لاءِ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو تحفي طور جاپاني شهنشاهه کي موڪليو ويو. 1950ع جي ڏهاڪي ۾ چيني حڪومت اها قديم پاليسي ٻيهر شروع ڪئي ۽ مختلف ملڪن ڏانهن ’پانڊا‘ سوکڙيءَ طور موڪليا. چين جي انهيءَ نيتيءَ جو مقصد ٻين ملڪن ڏانهن امن ڀرين لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ جي نشانيءَ طور ورتو ويندو آهي.[1]

حوالا سنواريو

  1. سنڌي آن لائين ڊڪشنري[مئل ڳنڍڻو] پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد