ٽڪون سنڌ جون زالون آهريءَ جي ننڍڙين ننڍڙين گول گول ٽُڪرين کي بہ ڪپڙ ي تي اهڙو تہ ڪار يگريءَ سان جَڙيو وڃن، جو وس پڄندي ڌوپ ۾ بہ نہ ڀڄن. ٽِڪُُن جڙڻ جي ايجاد بہ سنڌ جي سگهڙ ٻھراڙيءَ جي زالن جي آهي. ٽڪن جڙڻ جو ڪم بہ سنڌ کان سواءِ ٻئي ملڪ ۾ ڪونہ ٿئي. اهو ڪم جبل ۽ لاڙ جي زالن کان پوءِ دنگ آهي. ٽڪ کي ڪپڙي جي جنھن هنڌ ٽانڪڻون هوندو اٿن، انھيءَ هنڌ تي جهلي، پاسن کان ائين ڀري وينديون، جو مجال آهي جو ٽڪ ڍڪجي وڃي يا نڪري وڃي. مضبوطي بہ اهڙي. اهي ٽڪون. زالون گهڻو ڪري گج، گگهي يا وهاڻن تي هڻنديون آهن. ٻانڌڻين تي بہ لڳنديون آهن. ڪي زالون تہ رلين تي بہ جڙيو ڇڏين. ٽڪن جي ڀرت وارا در درين جا پردا، ڏاڍا سونھن وارا ٿيندا آهن.[1][2]

حوالا سنواريو

  1. "Sindhi Adabi Board Online Library (History)". www.sindhiadabiboard.org. حاصل ڪيل 2023-04-17. 
  2. ڪتاب: سنڌ جي مدنيت؛ از: سيد منظور نقوي؛ ٻيون ايڊيشن 1978ع، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.