ٽيھ اکريون
ٽيهه اکريون: (ڪتاب) ادبي بورڊ جي لوڪ ادب جو ڪتاب پنجن سوَن صفحن کان به مٿي آھي. ٽيهه اکريون يا سي حرفي، سنڌي ٻوليءَ جي لوڪ ادب جي هڪ انفرادي صنف آهي ۽ دنيا جي ڪنهن به ٻوليءَ ۾ ان جو ڪو مثال ڪو نه ٿو ملي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جي نگرانيءَ هيٺ هي گڏ ڪيل ٽيونجاهه ٽيهه اکريون، ان صنف جو نمايان نمونو آهن. ٽيهه اکريءَ ۾، سنڌي الف- بي جي انهن ٽيهن اکرن جي اچارن سان بند ٻڌا وڃن ٿا، جيڪي عربي رسم الخط مان اختيار ڪيا ويا آهن. اهي بند يا ته پابند نظم جي صورت ۾، يا بيتن ۽ ڏوهيڙن جي صورت ۾ چيا وڃن ٿا، ۽ شاعر ضرورت آهر انهن ۾ پنهنجون ترميمون ۽ اضافا ڪندا رهيا آهن. ٽيهه اکريءَ جي سڀ کان وڏي خصوصيت آهي تجنيس-حرفي، هونهن به وادي-سنڌ جي ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾ تجنيس-حرفي نهايت مقبول صنف آهي. ٽيهه اکريءَ ۾ شاعرن انهيءَ کي اڃائي خوبصورت نموني ۾ ادا ڪيو آهي. هن ڪتاب جي هڪ اهم خصوصيت اها به آهي ته ڪيترائي اهڙا نوان شاعر معلوم ٿيا آهن، جن جي سنڌي پڙهندڙن کي اڳ ڪا به ڃاڻ ڪانه هئي. ٽيهه اکريون، اسان جي سموري ڪلاسيڪي ادب وانگر مذهبي موضوعن کان شروع ٿيون، ۽ وقت جي رفتار سان شاعرن انهيءَ ۾ اصلاحي ۽ عشق ۽ محبت جا مضمون پڻ آندا آهن. اسان جي مڃيل عظيم شاعرن، شاهه، سچل، حمل وغيره کان سواءِ، نون شاعرن جون ٽيهه اکريون به نهايت ئي سهڻيون ۽ دلپذير نظم جو نمونو آهن.مثال طور لعل محمد ’لعل‘ جي ٽيهه اکري ”سسئي“ هڪ بيمثال چيز آهي. ڇا سندس لفظن جي نزاڪت آهي، ڇا سندس قافيي جو ڪمال!_ بي ئون برهه بقاءَ جي، لڳيس ڪا لوري، تن ۾ تار تکيري، جيءَ اندر جمهوري، گهمي پئي گوندر ۾، ناڪس ندوري، روئي رت گاڏهون، ڇپر ۾ ڇوري- وغيره رڳو انهيءَ هڪڙي ٽيهه اکريءَ ۾ ستن سوَن کان به وڌيڪ مصرعون آهن، جن مان هر هڪ ۾ تجنيس کان سواءِ، استعاري ۽ لفظي صنعتن ۽ خيال جي گهرائيءَ جا اعليٰ نمونا ملن ٿا.[1]
حوالا
سنواريو- ↑ تبصرا؛ رسالو:مهراڻ؛ ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ؛ 1962ع