ٽيٽيهر
ٽِيٽيهَرَ: سنڌ جي ھڪ عام پکي جو نالو آھي. هن جون ٽنگون ڊگهيون ۽ سنهيون ٿينديون آهن. ٿر ۾ ڪنهن ماڻهوءَ جون سنهيون ٽنگون هونديون آهن ته چوندا آهن ته ”ٽنگون ته ڏسوس، جهڙيون ٽيٽيهر جون“. هيءَ پلي صبح ۽ شام جي وقت ميدانن ۾ ڏسبو آهي. کيڙيءَ ۾ آڻا لاهي ۽ آرام ڪري. ٿر ۾ هن جو ماڻهو شڪار ڪندا آهن[2].35 سينٽي ميٽر جسامت واري هن ٽيٽيهر جا نرماد هڪجهڙا ٿين ٿا. هن جو مٿو، ڪنڌ، ڳچي ۽ گلو ڪارو ٿئي ٿو. اک کان ڪياڙيءَ وٽان ڪلهن کان ٿيندو پيٽ ۽ سڄو هيٺيون حصو اڇو ٿئيس. نَڪ تي ڳاڙهي پاپڙي ۽ پٺي ۽ پَـر سليٽي رنگ جا اٿس. پَـرن تي ڪي قدر ڪٿئيرنگ جا چمڪدار کنڀ ٿين ٿا.
ٽيٽيهر | |
---|---|
وينيلس انڊيڪس انڊيڪس (انڊيا) | |
سائنسي درجا بندي | |
Unrecognized taxon (fix): | وينيلس |
جنس: | Template:Taxonomy/وينيلس{. انڊيڪس |
حياتياتي نالو | |
وينيلس انڊيڪس (پيٽر بوڊئيرٽ, 1783) | |
ورھاست جو دائرو |
رهائش
سنواريوهي پکي پوکن ۽ کليل ڇَر وارن علائقن ۾ عام ٿئي ٿو. ٻوليءَ ۾ شور اٿس ۽ هڪ ئي وقت ۾ چار زوردار ڦرڻيون چيخون ڪندو آهي. اڪثر جوڙيءَ ۾ ڏسبو آهي. اڏام جو ڍرو آهي، جيئن اڪثر ٻين ٽيٽن جي اڏار هوندي آهي. گول پَـر زور سان ڦڙڪائيندو آهي.
نسل جي واڌويجھ
سنواريومادي، زمين يا گاھ تي ٽي چار چٽڪمرا آنا ڏيندي آهي. ٽيٽهر 28 کان 30 ڏينهن آرو ڪندي آهي. ۽ نر آنن جي حفاظت ۾ سندس مدد ڪندو آهي.
کاڌ خوراڪ
سنواريوٽيٽيهر مک طور ننڍڙا جيت کائيندو آهي پر سندس خوراڪ جو ڪجهه حصو اناج پڻ آهن.
تصويرون
سنواريو-
Ssp aigneri -Museum specimen - Karachi, Pakistan
ثقافت جو حصو
سنواريوٽيٽيھر تي ڪيترن ئي شاعرن شاعري ڪئي آھي ھتي ھڪ مثال پيش ڪجي ٿو.
- نيري اڀ تي، تتر کيڙي.
- ٽيٽيهر جي واھ جي ٻولي،
- سَت رنگي ڄڻ آهي هولي.
- ٽيٽيهر جي واھ جي ٻولي،
- ڪونجون پنهنجا کيپَ کڻي.
- ساڻ ڪنهن جا گيت ڪري،
- نيري اُڀ جي سمنڊ اندر،
- لڙهنديون وڃن، ترنديون وتن،
- نيري اڀ تي، تتر کيڙي.
- ٽيٽيهر جي واھ جي ٻولي.
ٽيٽهر جي ٻولي بابت لوڪ سنڌي چوڻيون
- ٽيٽيهر پاران رات جو بيگاھ وقت تي ٻولڻ ڪنهن اجنبي جو گهر، پاڙي يا علائقي ڀرسان لنگهڻ جو اطلاع هوندو آهي. پوءِ ان مان ڪو کڻي ڪهڙو بہ مطلب ڪڍي!
- ٽيٽيهر پنج آنا لاهي تہ برسات وسندي گنج، چار لاهي تہ چوکو چوکو (سٺو سٺو)، ٽي آنا ته ٽپي ٽپي (ڪٿي ڪٿي)، ٻه ته مينهن وسندو ٻائيڙو (ملڪ ٻوڙ)
- ٽيٽيهر واري ٽين ٽين لڳي پيئي آهي. مطلب تہ جيڪو ماڻهو گهڻيون ٻٽاڪون هڻي، پر ڪجهه به ڪم ڪري نه ڏيکاري، تنهن لاءِ چئبو آهي.