ٽينڪي ھڪ وڏي بناوٽ آھي جنھن ۾ عام واھپي، جھڙوڪ: غسل ڪرڻ، منھن ڌوئڻ، ھٿ ڌوئڻ، ڏندڻ ڪرڻ ۽ ڪجهه معاملن ۾ پيئڻ جو پاڻي جمع ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. ٽينڪي لوھ، پلاسٽڪ، فائبر وغيرہ جي ٺھيل بازار مان ملي سگھندي آھي. جڏھن تہ سرن، سيمينٽ وغيرہ جي ذريعي بہ ان کي جوڙي سگھجي ٿو. ٽينڪي ۾ پاڻي پھچائڻ لاءِ ان ۾ پائيپ لڳايا ويندا آھن جن ۾ موٽر ذريعي ڪنھن مٿانھين جڳھ تي رکيک ٽينڪي ۾ پاڻي پھچندو آھي. ٽينڪي مان پاڻي ڪڍڻ لاءِ بہ پائيپ استعمال ڪيا ويندا آھن جيڪي ٽوٽين سان ڳنڍيل ھوندا آھن جن کي وقت سر کولي ۽ بند ڪري سگھبو آھي.

ٽينڪي