ٽيليفون نبمر پلان

ٽيليفون نمبر پلان:(انگريزي: telephone numbering plan) ٽيلي مواصلاتي نظام ۾ نمبرن جي اسڪيم جنھن ۾ پئسن عيوض سھولت استعمال ڪندڙن کي ٽيليفون نمبر ڏنا وڃن ٿا.[1] اھي نمبر پلان علائقن مطابق ھوندا آھن ۽ ھر علائقي لاء ھڪ علحده ڪوڊ مخصوص ڪيو ويندو آهي جنھن کي ايريا ڪوڊ يا شھر جو ڪوڊ سڏيو ويندو آهي جيڪو عددي سيٽ ھوندو آھي جنھن ذريعي ان علائقي جي ٽيليفون استعمال ڪندڙ ماڻهن جي نمبرن تائين پھچ ممڪن بڻائي ويندي آهي. انٽرنيشنل ٽيليڪميونيڪيشن يونين پنھنجي رڪن ملڪن ۽ انھن جي علائقن جي ٽيليڪميونيڪيشن لاء پندرھن نمبرن تائين ٽيليفون نمبرن جو ھڪ جامع پلان جوڙيو آهي جنھن ۾ ھر ملڪ جو ڪالنگ ڪوڊ يا ڪنٽري ڪالنگ ڪوڊ جوڙيو آهي.

حوالا سنواريو

  1. Nunn, W.H. (1952). "Nationwide Numbering Plan". Bell System Technical Journal 31 (5): 851.