ٽنڊو مٺا خان (انگريزي: Tando Mitha Khan) تعلقي ۽ ضلعي سانگھڙ جو ھڪ ننڍڙو شھر آھي جنھن جي آبادي 2017ع ۾ ٿيل آدمشماريءَ مطابق 5237 آھي[1]. ھي شھر ارڙھين صدي عيسويءَ ۾ مير مٺا خان آباد ڪيو ھو[2]. ھي شھر سانگھڙ کان ڏکڻ اوڀر ۾ اٽڪل 28.4 ڪلوميٽر ۽ کپري کان اتر اوڀر ۾ اٽڪل 28 ڪلوميٽر پري آباد آھي. شھر جو انتظام ھتان جي ٽائون ڪاميٽيءَ جي حوالي آھي. ھي شھر نارا ڪينال جي ڪپ تي 71.6119 ڊگھائي ڦاڪ ۽ 29.0475 ويڪرائي ڦاڪ تي آباد آھي. ھتان روڊ رستي سانگھڙ، چوٽياريون، کپري ۽ ٻين شھرن ڏانھن وڃي سگھجي ٿو. ٽنڊو مٺا خان ھڪ ديھ جو نالو پڻ آھي[3]. آباديءَ جي لحاظ کان ھي سانگھڙ جو چوڏھون وڏو شھر آھي.

حوالا سنواريو

  1. "Sanghar (District, Sindh, Pakistan) - Population Statistics, Charts, Map and Location". www.citypopulation.de. حاصل ڪيل 2022-01-31. 
  2. "ٽنڊو مٺا خان : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2022-01-31. 
  3. "ٽنڊو مٺا خان2 : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2022-01-31.