تائيوان جي يونيورسٽي جي ماهرن پاران ڪيل تحقيق موجب ٽماٽن جو جوس جسم مان واڌو چرٻي ڳارڻ ۾ مدد ڏيئي ٿو. تحقيق ۾ وڌيڪ وزن وارين عورتن کي روزانو 250 ملي ليٽر ٽماٽن جو جوس ٻن مهينن تائين پياريو ويو ته ان جي نتيجي ۾ انهن عورتن جو وزن حيران ڪندڙ حد تائين گھٽجي ويو. تحقيق جي شروعات ۽ خاتمي تي انهن عورتن جي رت جا نمونا پڻ ورتا ويا جن سان اها ڳالهه سامهون آئي ته انهن جي ڪوليسٽرول ليول به گھٽجي وئي هئي ۽ ان سان گڏ رت ۾ هڪ مادو لائسوفين وڌي ويو، جيڪو ڪينسر خلاف مقابلي واري قوت وڌائيندو آهي. [1]