ٻوھ(انگريزي: Boh plant) ٿر ۽ ڪاڇي جو عام ٻوٽو آهي. ھي اهڙو گهڻو مفيد ڪو نه آهي. تاهم ڏڪر جي زماني ۾ بک مرندي گهوڙو ويچارو بعضي ڪنهن ٻوهه جي ٻُٿ ۾ وات وجهندو نظر ايندو آهي. ٻوهه جي ڪپهه مان ٿر جي ڪُوئن جا بسترا نرم ٿين ٿا. ڇاڇري تعلقي ۾ ته ٻوهه ايترو ٿئي ٿو جو بعضي ڏهرن جا ڏهر گهاٽن ٻوهن سان سارا سفيد نظر ايندا آهن.[1]اهڙو گهاٽو اڀرندو آهي جو ڄڻ ته هن جي پوک ڪيل هجي! يڪي ٿڙ سان به اُڀري ۽ ڏانڊين سان جهڳٽو ڪري به بيهندو آهي ۽ پکڙيو به آهي. علحده به اُڀري. هن ۾ اڇا گول ڦل ٿيندا آهن، جن کي ”ڊوُنَڍڻ“ چوندا آهن. ڪاٺيون سنهيون ٿين جي ٻارڻ جي به ڪم اچن. وسڪاري جو جڏهن ٻُوهه گهاٽا ٿيندا آهن تڏهن ماڻهو انهن کي وڍي مال لاءِ دونهيون ڪندا آهن. جڏهن ڪچا هوندا آهن تڏهن ٻڪريون ڇيلا ۽ اُٺ کائيندا آهن. سڪڻ بعد ڪونه کائين، پر ڏڪار وقت جڏهين ٻيو ڪو گاهه ڪونه ٿئي تڏهين بک مرندي گهوڙا ڍڪيون ۽ گڏهه به کائيندا آهن. هي گرم ٻوٽو آهي، تنهنڪري ماڻهو وڍي سياري جو ٻڪرين جي واڙن جي لوڙهن کي آڏو ڏيندا آهن، جيئن سيءَ جو بچاءُ ٿئي[2].[3]

  1. ڪتاب:سير ريگستان؛ ليکڪ: محمد اسماعيل عرساڻي؛ايڊيشن: 1976؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
  2. ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  3. "ٻوهه : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2019-07-04.