ٻاٽيرو / ٻٽيرو / ٻٽير / هوَنگر / ڀونتريو (سائينسي نالو؛ Coturnix coturnix) آهن. انگريزي نالو Common Quail آهي.

هي هڪ ننڍڙو، تتر جھڙو پکي ٿئي ٿو.

Common quail
Call of the male common quail
سائنسي درجا بندي e
Unrecognized taxon (fix): Coturnix
جنس: Template:Taxonomy/Coturnix{. coturnix
حياتياتي نالو
Coturnix coturnix
(Linnaeus, 1758)

The common quail (Coturnix coturnix) or European quail is a small ground-nesting game bird in the pheasant family Phasianidae. Coturnix is the Latin for this species.[2]

With its characteristic call of "wet my lips", this species of quail is more often heard than seen. It is widespread in Europe and North Africa, and is categorised by the IUCN as "least concern". It should not be confused with the Japanese quail, Coturnix japonica, native to Asia, which, although visually similar, has a very distinct call. Like the Japanese quail, common quails are sometimes kept as poultry.

جسم جي بناوٽ سنواريو

جنهن جي جسامت 18 کان 21 سينٽي ميٽر آهي، هن جو وزن 91 کان 130 گرامن تائين ٿيندو آهي. هي تتر ۽ ڪڪڙ جي ڪٽنب (Phasianidae) ۾ شامل آهي. ان جي نَر ۽ ماديءَ جي کنڀن جي رنگ ۾ فرق هوندو آهي. نَر جي مُنڍي ۽ ڳچيءَ تي جھرڪ وانگر اڇيون ڪاريون پٽيون ننڍڙن ڳانن وانگر نمايان هونديون آهن. ماديءَ جا کنڀ به ترتيب ۾ ته اهڙا ئي آهن پر ان جون ليڪون گھٽ نمايان هونديون آهن. ماديءَ جي سيني وارن کنڀن تي ڪارن ٽٻڪن جو هڪ سلسلو ٿئي ٿو. جڏهن ته نر جي ڇاتي ڪجهه گھري ڀوريهوندي آهي. جسامت ۾ ٻئي برابر ٿين ٿا. هي ننڍڙو پکي به حلال آهي. ۽ شڪار ڪري کاڌو ويندو آهي. ان جي ٻولي ٽِن هلڪن سُرن تي مشتمل ٿئي ٿي، جيڪا رات توڙي ڏينهن جو پئي ٻڌبي آهي. سبيءَ واري علائقي ۾ هن کي ڀاڙُو به چوندا آهن. هن کي ماڻهو پاليندا به آهن ۽ هڪ ٻئي سان ويڙهائيندا به آهن. ٻٽير جي ماديءَ کي هوَنگر چوندا آهن.

رهائش سنواريو

ھي پکي عام طرح ڪڻڪ جي لابارن وقت ڏسڻ ۾ ايندو آھي. بھار جي موسم ۾ اولهه کان ٻٽير تمام گھڻا ايندا آھن ۽ اڪثر زمين جي فصلن تي لھندا آھن، ھڪ فصل ختم ٿئي ته ان کي ڇڏي ٻئي فصل واريءَ زمين ۾ وڃي رھندا آھن، انڪري ھنن کي ’فصلي ٻٽيرا‘ به چوندا آھن.

ڀونتريو خشڪ گاھ ۽ وڌندڙ فصلن ۾ لڪندو آهي. خوف مهل اڏامڻ بدران ڊوڙون پائي ڀڄڻ کي ترجيح ڏيندو آهي. ان سان گڏ هيٺاهيون اڏارون ۽ گھتون به هڻندو ويندو آهي. هي ڊگھن فاصلن وارو لاڏوڻي پکي آهي ۽ سُٺي اڏار جي صلاحيت اٿس. سنڌ ۾ سياري ۾ جي موسم ۾ ولرن جي صورت ۾ ڏسبو آهي. ڀونتريو زمين تي چڳندو آهي. ٻج گؤنچ، مکڙيون، سلا ۽ پن کائيندو آهي. ان جو آکيرو ڍڪيل ماحول ۾ زمين تي پيرن سان کرڙيون هڻي کوٽيل هڪ ننڍڙي کڏ هوندي آهي، جنهن کي جسم جي زور سان شڪل ڏيندا آهن ۽ ان ۾ ڪچڙو سنهڙو گاھ رکندا ويندا آهن. ڀونتريي جو آنو ننڍو ۽ ذري گھٽ گول ٿئي ٿو. جنهن تي ڪارا چٽ ان آني کي ماحول ۾ ڪيموفلاج يا يڪسانيت مهيا ڪندا آهن. ڀونتريو يورپ کان سائيبيريا ۽ منگوليا ۾ افزائش نسل ڪندو آهي ۽ ايران، پاڪستان، هندستان ۽ آفريڪا ۾ سيارو گذاريندو آهي.

کاڌ خوراڪ سنواريو

هن جي خوراڪ جو گهڻو حصو اناج آهن ان کان سواءِ جيت پڻ کائيندو آهي.

نسل جي واڌويجھ سنواريو

هوَنگر يعني مادي ٻاٽيرو 6 کان 12 آنا لاهيندي آهي ۽ 16 کان 18 ڏينهن آرو ڪندي آهي. ٻٽيرا عام طور 50/40 ڏينھن جي وقفي سان آنا ڏيندا آھن.

انسان ۽ ٻٽير جو تعلق سنواريو

گھڻا ماڻھو ٻٽيرن جي ويڙهه تي بازي به رکندا آھن. ٻٽيري جو گوشت لذيذ ٿئي ٿو. ھن جو گوشت طبي لحاظ کان گھڻين بيمارين کي فائدو ڏيندڙ آھي. حڪيمن جو چوڻ آهي ته ھن جو پِتو ڪيترين بيمارين جي علاج طور استعمال ڪندا آهن.

عرب سياح، سنڌ ۽ سرائيڪي پٽي بلوچستان ۾ ٻٽيرن جا شڪار ڪرڻ ايندا آهن.

حوالا سنواريو

  1. بقرة
  2. Jobling, James A (2010). The Helm Dictionary of Scientific Bird Names. London: Christopher Helm. p. 120. ISBN 978-1-4081-2501-4.