ٻاونجاھ اکري (Alphabetic Verse) ٻاونجاھ اکريون سنڌي الف ب يعني ٻاونجاھ اکرن سان شروع ٿيندڙ بيتن يا نظمن جي بندن هيٺ طويل نظماڻي صورت ۾ لکيون وينديون آهن. ٻاونجاھ اکريءَ ۾ ”ڱَ“، ”ڙ“ ۽ الف حمزي (ء) جھڙا اکر جيڪي ڪنھن بہ لفظ جي منڍ ۾ نٿا اچن، تن جي ڏکيائيءَ سبب ۽ طويل نظم جي ڪري تمام گهٽ لکيون ويون آهن. شاعريءَ جي قديم انداز بيان سان 1983ع ۽ 1986ع جي ايم آر ڊي تحريڪن ۾ سنڌي شاعر ’سانوڻ وچولائي‘ ٻاونجاھ اکري نظم ۾ جديد رنگ سان خوبصورتيءَ سان لکي آهي، جنهن جو مثال ملڻ محال آهي. هن ”ڱ“ ۽ ”ڙ“ جھڙن لفظن کي پٽيءَ جي اچارن هيٺ استعمال ڪيو. مثال: ”ڱ“ سڱ جھڙو لفظ عجب ڪنهن ٻي ٻوليءَ ۾ ڳولي ڏي.“ مشڪور ڦلڪاري نالي شاعر بہ ٻاونجاھ اکري لکي آهي.[1]

  1. ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.