ٻارن جا حق (انگريزي: Children's Rights) انساني حقن جي فھرست ۾ سڀ کان وڌيڪ اھميت رکن ٿا. ٻارن جي صحيح پرگھور، پالنا، تعليم ۽ صحت ھر مائٽ جو اولين فرض آھي. جھڙيءَ طرح وڏن کي حياتيءَ جو حق حاصل آھي تھڙيءَ طرح ٻارن کي بہ صاف سٿري ماحول ۾ جيئڻ ۽ پروان چڙھڻ جو پوروپورو حق حاصل آھي.[1] 1989ع ۾ گڏيل قومن جي عالمي اداري پاران ٻارن جي حقن بابت ٿيل اجلاس (Convention on the Rights of the Child) ۾ ٺھراءُ منظور ٿيو تہ ”ارڙھن سالن کان ننڍي ڄمار جو ھر انسان ٻار آھي“.[2]

معصوم ٻارن جي چھرن تي مسڪراھٽون پکيڙيو
تعليم حاصل ڪرڻ ٻارن جو بنيادي حق آھي
ٻارن کي پنھنجي جيجل ماءُ کان پري نٿو ڪري سگھجي
رانديون ٻارن جي جسماني ۽ ذھني اوسر ۾ مکيہ ڪردار ادا ڪن ٿيون
معصوم ٻارن کان پورھيو ڪرائڻ انسانيت جي توھين آھي
يتيم ۽ بي سھارا ٻارن جو سھارو بنجو

ھر انسان لاءِ ٻار قدرت جو ھڪ انمول تحفو آھي. ٻارن جي منھن تي مرڪ پکيڙڻ ۽ کين معاشري جي ھڪ معتبر شخصيت بنائڻ اسان سڀني جي پھرين ذميداري آھي. ھر انسان کي ياد رکڻ گھرجي تہ ٻارن کي ھيٺيان بنيادي حق حاصل آھن:

  • ڪنھن بہ ٻار کي پنھنجي ماءُ ۽ پيءُ سان گڏ رھڻ جو حق حاصل آھي. ڪوبہ فرد، معاشرو يا ملڪ ٻارن کان اھو بنيادي حق نٿو کسي سگھي.
  • ھر ٻار کي مناسب کاڌي، خوراڪ ۽ تعليم حاصل ڪرڻ جو پورو پورو حق حاصل آھي.
  • ھر مائٽ جي اھا بنيادي جوابداري آھي تہ ھو پنھنجي ٻار جي صحت، صفائي ۽ علاج جو پورو بندوبست ڪن. بک ۽ بيوسيءَ ۾ ٻار جو موت انسانيت جي توھين آھي ۽ اخلاقي طور معاف نہ ٿيڻ جھڙو گناھ آھي.
  • ڪنھن بہ ٻار کي سندس رنگ، نسل، جنس، ٻوليءَ، قوميت، مذھب، معذوريءَ يا ٻئي ڪنھن بہ سبب جي ڪري تعصب يا امتيازي سلوڪ جو شڪار نٿو بنائي سگھجي.
  • ٻارن کي ھڪ اھڙي ماحول ۾ پروش پائڻ جو حق آھي جيڪو ٻار کي ڪنھن بہ قسم جي جسماني، ذھني ۽ جنسياتي وحشانيت، بدسلوڪي ۽ تشدد کان مڪمل طور تي تحفظ ڏئي سگھي.
  • ھر ٻار کي مناسب توجہ ، محبت ۽ اھڙي ماحول ۾ پروان چڙھڻ جو حق حاصل آھي جيڪو اڳتي ھلي کيس معاشري جو ھڪ ڪارگر فرد بنائي سگھي.
  • ڪو بہ قانون ٻارن لاءِ اھي سزائون تجويز نٿو ڪري سگھي جيڪي ھڪ عاقل، بالغ ۽ وات وڪيل ڏوھاريءَ کي ملي سگھن ٿيون.

ٻارن جي حقن جون تاريخي وصفون

سنواريو

برطانيہ جي مشھور قانوندان سر وليم بليڪ اسٽون (Sir William Blackstone) جي چوڻ مطابق مائٽن جون ٽي بنيادي جوابداريون آھن:[3]

  • پرگھور
  • تحفظ
  • تعليم

1924ع ۾ جنيوا ۾ ٻارن جي حقن جو پڌرنامون جاري ٿيو. انھيءَ پڌرنامي ۾ ٻارن جي ھيٺين حقن تي زور ڏنو ويو:[4]

  • بھتر ماحول ۾ پرورش ۽ اوسر ھر ٻار جو حق آھي.
  • بکئي ٻار جو حق آھي تہ ھن کي کاڌو کارايو وڃي.
  • بيمار ٻار جي تيمارداري ۽ دوا دارون ھر مائٽ ۽ معاشري تي لازم آھي.
  • يتيم کي اجھو مھيا ڪرڻ ۽ بي سھارا ٻار کي سھارو ڏيڻ بہ ٻارن جي بنيادي حقن ۾ شامل آھن.
  • ھر ٻار جو حق آھي تہ ھن کي ھر قسم جي استحصال کان بچايو وڃي.

1948ع ۾ گڏيل قومن جي عالمي اداري پاران ٻارن جي حقن بابت ھڪ عالمي گڏجاڻي ٿي جنھن ۾ ماءُ ۽ ٻار جي خصوصي تحفظ ۽ مدد تي زور ڏنو ويو. گڏجاڻيءَ ۾ ٻار جي معاشرتي تحفظ کي سندس بنيادي حق قرار ڏنو ويو[5].

اقوام متحدہ جي جنرل اسيمبليءَ 1959ع ۾ ٻارن جي حقن جو پڌرنامون جاري ڪيو جيڪو ھيٺين نڪتن تي مبني آھي:[6]

  • دنيا جي ھر ٻار کي ھن پڌرنامي ۾ شامل ڪيل سمورا حق حاصل آھن. دنيا جي ڪنھن بہ ٻار کي رنگ، نسل، جنس، ٻوليءَ، مذھب، قوميت، جنم، دولت، سياسي اختلاف يا ٻئي ڪنھن سبب جي ڪري ھنن حقن کان محروم نٿو ڪري سگھجي.
  • ٻار جي تحفظ تي خاص ڌيان ڏنو ويندو ۽ ھن کي قانوني ۽ ٻين طريقن سان اھڙا موقعا ۽ سھوليتون ميسر ڪيون وينديون جن سان ھڪ صحتمند ماحول ۾ آزاديءَ ۽ عزت سان ھن جي جسماني، ذھني، اخلاقي، روحاني ۽ معاشرتي اوسر ٿي سگھي.
  • ڄمڻ سان ئي ٻار جو اھو حق آھي تہ ھن جو ڪو نالو ۽ قوميت ھجي.
  • ھر ٻار کي سوشل سيڪيورٽيءَ جو فائدو ڏنو ويندو. ٻار جي صحتمند پالنا ڪئي ويندي. ٻار ۽ سندس ماءُ جي ويم کان پھرين ۽ پوءِ خاص سنڀال ۽ ٽھل ٽڪور ڪئي ويندي. مناسب خوراڪ، رھائش، راند روند ۽ علاج جي سھولت ھر ٻار جو حق آھي.
  • ذھني، جسماني يا معاشرتي طور معذور ٻار جي علاج، تعليم ۽ ٻين ضروري گھرجن جو ّخاص خيال رکيو ويندو.
  • ٻارمعاشري جو ھڪ صحتمند ۽ ڪارگر انسان تڏھن بنجندو جڏھن ھن کي مناست توجہ ۽ پيار ملندو ۽ ھن جي نفسيات کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪبي. جتي بہ ممڪن آھي ھو پنھنجي مائٽن جي سنڀال ۽ ذميداريءَ ھيٺ رھندو. عام حالتن ۾ معصوم ٻار کي پنھنجي ماءُ کان الڳ نہ ڪيو ويندو. ھر معاشري ۽ لاڳاپيل ادارن جو فرَض آھي تہ ھو انھن ٻارن تي شفقت جو ھٿ رکن. جيڪي يتيم آھن يا جن کي پنھنجا مائٽ ناھن، انھن لاءِ سرڪار پاران مالي سھائتا ۽ ٻيون گھرجون پوريون ڪرڻ جي بہ ضرورت آھي.
  • ٻار جو اھو حق آھي تہ ھن کي مفت ۽ لازمي تعليم ڏياري وڃي خاص طور تي اسڪول جي سطح تائين. ھن کي اھڙي تعليم ڏني وڃي جنھن سان ھو پنھنجا معاشرتي قدر سڃاڻي سگھي، برابريءَ جي بنياد تي پنھنجون صلاحيتون مڃائي سگھي، بھتر فيصلا ڪري سگھي، پنھنجي معاشرتي ۽ اخلاقي ذميدارين کي سمجھي سگھي ۽ معاشري جو ھڪ لاڀائتو فرد بنجي سگھي. ٻار کي پنھنجو آئيندو سنوارڻ لاءِ بھترين رھنمائي ڏني وڃي. ٻار کي صحيح رستي تي ھلائڻ جي پھرين ذميداري ھن جي مائٽن جي آھي. تعليم جي حصول سان گڏوگڏ ٻار کي راند ۽ وندر ورونھن جون اھي سھوليتون ڏنيون وينديون جن سان ھن جي شخصيت نکري سگھي.
  • ھر حالت ۾ ٻار کي مڪمل تحفظ ۽ ترت مدد فراھم ڪئي ويندي.
  • ٻار کي ھر قسم جي غفلت، ظلم ۽ استحصال کان بچايو ويندو. ڪنھن بہ صورت ۾ ھن کي قربانيءَ جو ٻڪرو ٿيڻ نہ ڏبو. ٻار کان ھڪ خاص عمر تائين پھچڻ کان پھريائين نوڪري نہ ڪرائي ويندي. ھن کان ڪوبہ اھڙو ڌنڌو يا نوڪري نہ ڪرائي ويندي جنھن سان ھن جي صحت يا تعليم تي ڪو ھاڃيڪار اثر پوي يا ھن جي جسماني، ذھني يا اخلاقي اوسر متاثر ٿئي.
  • ٻار کي انھن ڳالھين کان بچائبو جن سان تعصب، مذھبي انتھاپرستي يا اھڙي قسم جي ڪا ٻي جذباتي ڪيفيت پيدا ٿئي. ھن کي سمجہ، ساڃاھ، دوستي، امن، عالمي برادري ۽ رواداريءَ جا سبق پڙھايا ويندا. ھن کي پنھنجي تواناين ۽ صلاحيتن جي پوري ڄاڻ ھجڻ گھرجي ۽ ھن ۾ انساني ھمدرديءَ جو جذبو ھئڻ گھرجي.

جيتوڻيڪ گذريل پنجاھ سالن ۾ ٻارن جي حقن تي گھڻو ڪم ٿيو آھي ۽ مختلف ادارن ۽ رياستن پاڻ ۾ انھن حقن بابت اتفاق بہ ڪري ورتو آھي[7] پر ماھرن جي چوڻ مطابق انھيءَ ڏس ۾ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي اڃا گنجائش موجود آھي.[8]

ٻارن جي حقن جا قسم

سنواريو

ٻارن جي حقن کي ٻن قمسن ۾ ورھائي سگھجي ٿو: ھڪڙا عام انساني حق آھن جيڪي ٻارن ۽ بالغن لاءِ يڪسان آھن. ٻيا اھي حق آھن جيڪي فقط ٻارن سان واسطو رکن ٿا.[9] جيڪي حق ٻارن توڙي بالغن لاِءِ يڪسان آھن تن ۾ جيئڻ جو حق، ظلم، زيادتي ۽ غيرانساني سلوڪ کان بچاءُ جو حق، راند روند ۽ تفريح جو حق ۽ ٻيا اھڙي قسم جا حق شامل آھي. ڪجهه اھڙا انساني حق بہ آھن جيڪي ٻارن سان لاڳو نٿا ٿين مثال طور شادي ڪرڻ جو حق وغيرہ وغيرہ. ڪجهه اھڙا بہ حق آھن جيڪي بالغن تي لاڳو نٿا ٿين ۽ فقط ٻارن لاءِ آھن. مثال طور ٻار جڏھن ڄمي ٿو تہ ان جو حق آھي تہ ان تي ڪو چـڱو نالو رکيو وڃي. تعليم حاصل ڪرڻ جو حق بہ ٻارن لاءِ لازمي آھي. بالغن کي اھو اختيار آھي تہ ھو وڌيڪ پڙھن يا نہ پر ٻار جي تعليم لازمي آھي. ننڍڙن ٻارن جو حق آھي تہ ھو پنھنجي ماءُ سان گڏجي رھن پر بالغن لاءِ اھو ضروري ناھي.

گڏيل قومن جي عالمي اداري پاران ٻارن جي تعليم لاءِ جيڪي ھدايتون جاري ڪيون ويون آھن تن ۾ ٻارن جي حقن کي ھيٺين ٽن قسمن ۾ ورھايو ويو آھي:[10]

  1. ٻارن کي مناسب زندگيءَ جي معيار، پنھنجي صحت جو خيال رکڻ، تعليم حاصل ڪرڻ، رند روند ۽ تفريح جا حق حاصل آھن. انھن ۾ مناسب غذا، سمھڻ لاءِ گرم بسترو ۽ اسڪول ۾ داخلا وغيرھ شامل آھن.
  2. ٻارن جو حق آھي تہ کين استحصال، اڻوڻندڙ برتاءُ، غفلت ۽ امتيازي سلوڪ کان بچايو وڃي. ٻارن جو حق آھي تہ کين راند کيڏڻ لاءِ محفوظ ميدان مھيا ڪيو وڃي، ٻارن جي وڻندڙ ماحول ۾ پرورش ڪجي ۽ سندن اڀرندڙ صلاحيتن جو اعتراف ڪجي.
  3. پنھنجي پاڙي يا حلقي ۾ اٿڻ ويھڻ، مختلف ڪميونٽي پروگرام ٺاھڻ ۽ انھن ۾ حصو وٺڻ ۽ پنھنجون خدمتون سرانجام ڏيڻ جي سلسلي ۾ ٻارن جي ھمت افزائي ڪرڻ گھرجي. ٻارن کي لائبررين ۽ ڪميونٽي پروگرامن ۾ حصو وٺڻ جو حق حاصل ھجڻ کپي. ايتريقدر جو ڪجهه معاملن ۾ ھنن کي فيصلي ڪرڻ يا ڪنھن جائز معاملي تي آواز اٿارڻ کان بہ منع نہ ڪجي.

ٻارن جي حقن جو عالمي نيٽ ورڪ (Child Rights International Network) ٻارن جي حقن کي ھيٺين ٻن قسمن ۾ ورھائي ٿو:[11]

  • معاشي، معاشرتي ۽ ثقافتي حق: انھن حقن ۾ کاڌو، رھائش، لباس، تعليم، سٺي صحت ۽ روزگار وغيرہ شامل آھي.
  • ماحولياتي، ثقافتي ۽ ترقياتي حق: انھن ۾ محفوظ ۽ صاف سٿري ماحول ۾ زندگي گذارڻ جو حق ۽ سياسي، ثقافتي ۽ ترقياتي ڪمن ۾ حصو وٺڻ جو حق شامل آھي.

ايمنيسٽي انٽرنيشنل ٻارن جي ھيٺين چئن حقن لاءِ آواز اٿاريندي رھي آھي:[1]

  • پيرول بنان ٻارن جي گرفتاريءَ جو خاتمو
  • فوج ۾ ٻارن جي ڀرتيءَ جو خاتمو
  • 21 سالن کان گھٽ ڄمار وارن ماڻھن لاءِ موت جي سزا جو خاتمو
  • ڪلاس روم اندر انساني حقن جي بيداري پيدا ڪرڻ

انساني حقن تي نظر رکندڙ عالمي تنظيم ھيومن رائيٽس واچ (Human Rights Watch) ٻارن کان پورھيو نہ ڪرائڻ، ننڍي عمر جي ڏوھارين کي انصاف ڏيارڻ، يتيم، بي يارومددگار ٻارن جي مدد ڪرڻ ۽ پرڏيھ مان ھجرت ڪري آيل ماڻھن جي ٻارن جي حقن جي حفاظت جھڙن معاملن لاءِ جدوجھد ڪري ٿي.

ٻارن جي حقن تي تحقيق ڪندڙ ماھر ٻارن جي صحتمند اوسر لاءِ ھيٺين حقن کي ضروري سمجهھن ٿا:

  • ڳالھائڻ جي آزادي
  • سوچ جي آزادي
  • خوف کان نجات
  • چونڊ ڪرڻ ۽ فيصلي ڪرڻ جي آزادي
  1. 1.0 1.1 Bandman, Bertram (2013-10-28). Children's Right to Freedom, Care and Enlightenment. doi:10.4324/9780203054680. http://dx.doi.org/10.4324/9780203054680. 
  2. "University of Minnesota Human Rights Library". hrlibrary.umn.edu. حاصل ڪيل 2022-04-20. 
  3. Morrison, Wayne (2013-03-04). Blackstone's Commentaries on the Laws of England Volumes I-IV. doi:10.4324/9781843141778. http://dx.doi.org/10.4324/9781843141778. 
  4. "III.D.1 Declaration of Geneva of the Rights of the Child (March 1924)". International Law & World Order. Martinus Nijhoff Publishers. صفحا. 1–1. 
  5. "III.A.1 Universal Declaration of Human Rights (10 December 1948)". International Law & World Order. Martinus Nijhoff Publishers. صفحا. 1–5. 
  6. Declaration of the Rights of the Child, G.A. res. 1386 (XIV), 14 U.N. GAOR Supp. (No. 16) at 19, U.N. Doc. A/4354 (1959).
  7. Farnfield, Steve (2002-07-19). "The New Handbook of Children's Rights: Comparative Policy and Practice". Child & Family Social Work 7 (3): 231–232. doi:10.1046/j.1365-2206.2002.t01-3-00247.x. ISSN 1356-7500. http://dx.doi.org/10.1046/j.1365-2206.2002.t01-3-00247.x. 
  8. Edwards, Susan (2012-11-23). "MORE PROTECTION FOR VICTIMS OF DOMESTIC VIOLENCE? (THE DOMESTIC VIOLENCE, CRIME AND VICTIMS ACT 2004)". The Denning Law Journal 18 (1): 243–260. doi:10.5750/dlj.v18i1.318. ISSN 0269-1922. http://dx.doi.org/10.5750/dlj.v18i1.318. 
  9. UNICEF (2007). Protecting the Worlds Children. Cambridge: Cambridge University Press. ISBN 978-0-511-51127-1. http://dx.doi.org/10.1017/cbo9780511511271. 
  10. Young-Bruehl, Elisabeth (2012). Childism : Confronting Prejudice Against Children. New Haven: Yale University Press. ISBN 978-0-300-17850-0. OCLC 774395316. https://www.worldcat.org/oclc/774395316. 
  11. Freeman, Michael (2000-09). "The future of children's rights". Children <html_ent glyph="@amp;" ascii="&amp;"/> Society 14 (4): 277–293. doi:10.1111/j.1099-0860.2000.tb00183.x. ISSN 0951-0605. http://dx.doi.org/10.1111/j.1099-0860.2000.tb00183.x.