ٻاراڻو ادب
ٻاراڻو ادب (Children Literature) اهو ادب، جيڪو ٻارن لاءِ لکيو وڃي. دنيا جي ڪنھن بہ ٻوليءَ جي ادب ۾ ’ٻاراڻي ادب‘ کي وڏي اھميت اھي. ٻاراڻي ادب کان سواءِ دنيا جو ڪو بہ ادب ترقي ڪري نہ ٿو سگھي، ڇو جو ٻار ائيندي جو ابو اھي. ٻاراڻي ادب جي ھڪ اھميت اھا اھي تہ ان سان مستقبل جي نئين ۽ ازاد انسان پيدا ڪرڻ ۾ وڏي مدد ملي ٿي. دنيا جي قومن جي تھذيبي ۽ اخلاقي ترقيءَ ۾ ٻاراڻي ادب جو وڏو ڪردار ھوندو آھي. ڏٺو وڃي تہ ٻاراڻي ادب جا ٽي مکيہ سرچشما ٿين ٿا. جن ۾ ماءُ، استاد ۽ اديب شامل اھن. ٻاراڻي ادب جي ابتدا ماءُ جي جھوليءَ واري لوليءَ ۽ ٻوليءَ سان ٿئي ٿي. استاد کيس دنيا جي علمن سان گڏ اخلاقي تربيت سيکاري ٿو ۽ ادب معاشري تي ھڪڙو اثر ڇڏي ٿو، جنھن کي ٻار بہ قبول ڪري ٿو. مطلب تہ جيئن ٻار ائيندي جو ابو اھي، تيئن ٻاراڻو ادب ائيندي جي پيڙھ اھي.[1]
حوالا
سنواريو- ↑ .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.