ٺٽي تي قبضي کان پوءِ آزاديءَ لاءِ سنڌين جي پھرين ڪوشش

سيوھڻ فتح ڪرڻ کان پوءِ شاھه بيگ ارغون، دولهه دريا خان جي پُٽن ڏانھن سنڌ جي شاعر، قاضي قادن کي موڪليو ته ھُو دولهه جي پٽن محمود ۽ مٺڻ کي شاھه بيگ جي اطاعت لاءِ راضي ڪري. پر محب وطن پيءُ جي سورھيه پُٽن قاضي قادن سان مِلڻ کان ئي انڪار ڪيو. شاھه بيگ سيوھڻ کان ٽلٽيءَ (Ttaltti) ويجھو پھتو، ته جاسوسن کيس خبر ڏني ته محمود، مٺڻ، ڄام سارنگ سھتو ۽ رڻمل سوڍو، اوھان سان ڳالھائڻ لاءِ تيار آھن، پر مخدوم بلاول انھن کي نه رڳو ملڻ کان روڪيو ويٺو آھي، پر جنگ ڪرڻ لاءِ نصيحت ڪري رھيو آھي. اھا خبر ٻڌي، شاھه بيگ (Shah Beg Argghoon) ٻيڙين جي رستي درياھه پار ڪيو. ٽلٽيءَ جي سنڌين شھر کان ٻاھر نڪري، جوڌا سنگھ سوڍي (Jodhaa Singh Sodho) جي ڀاءُ رڻمل سوڍي کي لشڪر جو مھندار مقرر ڪري، ويڙهه جي تياري ڪئي. مير فاضل، شاھه بيگ جي لشڪر جي اڳئين حصي جو مھندار ٿي ميدان ۾ آيو ۽ جنگ شروع ٿي ويئي. اڃا ويڙهه هلي ئي ھئي ته شاھه بيگ پاڻ فوج وٺي پھتو. انھيءَ تازي فوجي مدد پھچڻ سان ارغون فوج جو حوصلو وڌي ويو ۽ انھيءَ فوج ڏاڍي تيز رفتاريءَ سان اڳتي وڌي، شھر جي دروازي تي قبضو ڪيو. سنڌين جو گهڻو لشڪر ميدان جنگ ۾ ڪم آيو، باقي ميدان ڇڏي، ڪنھن نئين مورچي ۽ ميدان جي ڳولا ۾ نڪري ويو. شاھه بيگ سوڀ کان پوءِ فاتحاڻي شان سان شھر ۾ داخل ٿيو، پر سندس اُميدن جي اُبتڙ شھر جي گھِٽيءَ گھِٽيءَ ۾ ارغون لشڪر کي سخت مزاحمت سان منھن ڏيڻو پيو. شھر جو ھر مرد، عورت، ٻڍو، ٻار، ڪاريگر، ھنرمند، عالم، خطابي ۽ شاعر، مغل فوجين لاءِ ھڪ جانٺي جوان جو روپ اختيار ڪري ويو. پورا ٽي ڏينھن ٽلٽيءَ جي شھر ۾ لڙائي، قتل عام، خونريزي ۽ باھه جو ناچ ٿيندو رھيو. سنڌي، پنھنجي ماتر ڀوميءَ جي محبت ۾ قتل ٿيندا رھيا. ٽلٽيءَ جو شھر، ماڻھن ۽ سامان کان بلڪل خالي ۽ تباھه ٿي ويو. اُنھيءَ جنگ ۾ رڻمل سوڍو، ڄام سارنگ سھتو، مِٺڻ ۽ محمود مارجي ويا.

ھن جنگ جي خاص اھميت اُن ڪري به آھي، جو اُن ۾ تخت ۽ تاج جي بدران حب الوطنيءَ جو خاص جذبو ڪم ڪري رھيو ھو ۽ سنڌ جا ماڻھو ديس جي آزاديءَ لاءِ پنھنجي پوري سگهه سان ڌارئين ڦورو ۽ ڌاڙيل سان ٽڪراءُ کائي رهيا هئا، جيڪو پنھنجو مُلڪ ۽ عورتون رضا خوشيءَ سان بابر جي حوالي ڪري، سنڌ تي قيامت وانگر اچي ڪڙڪيو. ٻي وڏي ڳالھه ته ھيءَ جنگ، مذھب ۽ ويڇن کان بلند ٿي، قومي بنيادن تي وڙھي ويئي؛ جنھن ۾ ھندو مسلم، پنڊت، مولوي، صوفي، جوڳي، جاگيردار ۽ ھاريءَ جو اتحاد ۽ اتفاق نظر اچي ٿو. جنگ جي سپھ سالار رڻمل سوڍي جي ڪمان ۾ مخدوم بلاول (Makhdoom Bilawal) جھڙي ولي الله جا خليفا ۽ شاگرد به مادر وطن جا نعرا ھڻندي شھيد ٿيا. [1] [2]

حوالا سنواريو

  1. سرَ ۾ سانجھيءَ ويرَ (عبدالواحد آريسر) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2017-02-25 
  2. ڪتاب: سرَ ۾ سانجھيءَ ويرَ، ليکڪ: عبدالواحد آريسر