ٺٽو (جمال مراد گبول )

ٺٽو (جمال مراد گبول)

ڪُل ڪراچي ڄامشورو، ٿو اچي هر حُسن وَر،

هارَ پايو حرص ڪريو، ناز ڪن ٿا ناز وَر،

پدمَڻين جو پرت وارو، نرگسي نازِڪ نظر،

گهورَ سان گهايو وجهن، اکڙين ۾ اهڙو آ اَثر

، عرش ۾ جيئن ٿا لڳن، اعليٰ اُتم شمس و قَمر،

سنڌ ۾ سُهڻو سڀن کان، نينَهن وارو آ ننگر.


محبتي ماڻهو منجهس، ۽ ناز نُوريءَ جا هُئا،

جنهنجي نِوڙت نياز سان، ٿي بادشاھ ڀُلجو پيا،

ڄامَ ڄارو هو هَٿن ۾، ڪم اِهي قسمت ڪيا،

هڪ نه نوُري هُئي نِماڻي، داستانا کوڙ ٻيا،

اڄ به سا آباد آهي، قُرب وارن لئه ڪينجهر،

سنڌ ۾ سُهڻو سڀن کان، نينَهن وارو آ ننگر.


سِڪّ سَسئيءَ کي به هُئي، هو پيار پُنهل جو پَڪو،

ڪونَ ٿو وِسري اُهو، اڄ قُرب وارن جو قِصو

، ڌرتي ڦاٽي تن لئه پيئي، ڪونَ ايئن ڪنهن لئه ٿيو،

ڪو پتو ڪنهن کي نه پيو، بس هار جو يا جيت جو،

اِنتها ٿي عشق جي، ڪا ڪونَ هُئي ڪنهن ۾ ڪَسر،

سنڌ ۾ سُهڻو سڀن کان، نينَهن وارو آ ننگر.


هو هِتي “مخدوم هاشم”، آهي “اصحابي” اِتي،

“مائي مڪلي”، “شيخ جيئو”، “مخدوم آدم” آ هِتي

، درس هلندو هو دُنيا جو، جوش جذبي سان جِتي،

ڌاڳو ڌاڳي سان ڳنڍي ويا، سُٽ کي ڪوري ڪِتي،

ڪيترا قابل ڪَمي، رهندا هُئا ڪي ڪارگَر،

سنڌ ۾ سُهڻو سڀن کان، نينَهن وارو آ ننگر.


هِن ۾ “دريا خان” هو، ۽ هن ۾ “نندو ڄام” هو،

۽ “تماچيءَ” جي نسن ۾، نُوريءَ جوئي نام هو،

زر خَريدو ڄڻ ته اُن جو، هر صُبح ۽ شام هو،

قُرب جي قيمت ڏنئين، “ڪينجهر” سڄو اِنعام هو،

ميربحرن جا مزا ٿيا، ۽ لٿو ڏيھ تان ڏُڪر،

سنڌ ۾ سُهڻو سڀن کان، نينَهن وارو آ ننگر.


هِن ۾ “مسجد شاهجهان” جي، ڪوٽ هن ۾ آ “ڪَلان”،

گُل گُلابي، “موتين” جي، سُونَهن ساوڪ ڇا چَوان،

حُسن جي ڪا حد نه هُئي، “مهراڻ” موجن ۾ رَوان،

محنتي ماڻهو هتي جا، هي آ تن جو آستان،

مدرسا مشهُور هُئا، ۽ علم سان گڏ هو هُنر،

سنڌ ۾ سُهڻو سڀن کان، نينَهن وارو آ ننگر.


صاف سادي آهي ٻولي، لاڙَ واري هيءَ زبان،

هن پَڪيءَ ٻوليءَ اَندر، آهي ڀٽائيءَ جو بَيان،

قُرب ۽ ان ۾ سَچائي، عاشقن جي آ عَيان،

واھَ! جي ٻولي وڻي ٿي، هِت جيئان ۽ هِت مَران،

هر اکر موتيءَ مِثل، آ شهد شيرين ۽ شڪر،

سنڌ ۾ سُهڻو سڀن کان، نينَهن وارو آ ننگر.


هِن ۾ “جاتي، جهوڪ” آهي، “جُنگشاهي” ۽ “جمال”،

دل “دڙي” سان ٿي لڳي، “گهاري”، گُجي” جي مِڙ مقال،

“ڪيٽي بندر” ۽ “بٺورو”، ڪر “سجاول” جي سنڀال،

راڄ راڻن جا رهيا ٿي، ويا ڪري ڪيڏا ڪمال،

“وَر، غُلام الله، ٻُهارا”، منهنجو مرڪز “ميرپور”،

سنڌ ۾ سُهڻو سڀن کان، نينَهن وارو آ ننگر.