سيد احمد ٺٽوي (Sayad Ahmed Thhattvi) جو پيءُ سيد محمد انجوي شيرازي 786ھ/1384ع ۾ سنڌ پهتو، ان وقت ڄام صلاح الدين سمي جي سنڌ ۾ صاحبي هئي، هي بزرگ منڇر جي ڪناري مراد اوٺي جي ڳوٺ ۾ اچي رهيو ۽ اتي ئي لاڏاڻو ڪيائين، ان کانپوءِ هن جي پٽ سيد احمد ٺٽوي اتان لڏي اچي ٺٽي ۾ آباد ٿيو ۽ قاضي نعمت الله عباسيءَ جي ڌيءَ سان شادي ڪيائين. هن کي چار پٽ ٿيا جن مان سيد محمد حسين عرف شاهه مراد شيرازي تمام گھڻو ناليوارو ٿيو. سيد احمد ٺٽوي هڪ الله لوڪ بزرگ هو. سيد احمد کي چار پٽ ٿيا. (1) سيد علي ٺٽوي، (2) سيد جعفر ٺٽوي، (3) سيد محمد شريف ٺٽوي ۽ (4) سيد محمد حسين عرف شاهه مراد شيرازي ٺٽوي. ٺٽي جا شيرازي سادات شاهه مراد شيرازي ٺٽوي جي اولاد آهن. سيد احمد ٺٽوي 1 محرم الحرام 845ھ/22 مئي 1441ع ۾ وفات ڪئي ۽ ان جو مقبرو مڪلي تي عباسي قاضين جي قبرستان ۾ آهي.[1]