ٺلهه گولو فقير انگريزي (Thul Golo Fakir) سنڌ جي داڍو ضلعي، جوهي تعلقي ۾ هاڻوڪي ڳوٺ گولو فقير[1] جي اولهه ۾ لڳ مٿانهين ٽڪريءَ تي ڪاڇو جي صحرا ۾ واقع آهي. ڳوٺ گولو فقير جو پراڻو نالو ڳوٺ ٺلهه آهي جيڪو هن ٺلهه جي نسبت سان پيل هو. هيءُ ٺلهه سنڌ ۾ ٻين ٺُلهن جيان ٻڌمت جو يادگار آهي. ٺلهه دادو شهر کان اٽڪل 30 ڪلوميٽر جي پنڌ تي آهي ۽ جوهي شهر کان لڳ بڳ 15 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي اولهه ڏکڻ ۾ آهي. هن ٺلهه ڀرسان قديم بستيءَ جا پڻ آثار آهن جتي ٺڪراٺو به وڏي مقدار ۾ پکڙيل آهي. ٺلهه جي تعمير مستطيل نما آهي. ٺلهه ٽڪريءَ کان اٽڪل 50 فوٽ اونچو آهي. ٺلهه جي ويڪر لڳ ڀڳ 30 فوٽ آهي. ٺلهه کي ڏکڻ طرف کان ڏاڪڻ جُڙيل آهي جيڪا ٺلهه جي چوٽيءَ تائين وڃي ٿي. ٺلهه ٻاهران ڪچين سرن جو ٺهيل آهي ۽ اندران پڪيون سرون ڪم آيل آهن. ٺلهه جي چوٽي اٽڪل 6 فوٽ ويڪري آهي جنهن جي وچ تي پڪين سرن جي گول اڏاوت ٿيل آهي.[2]

ٺلھ گولو فقير

حوالا سنواريو