يڪا انگريزي ڪتابي نالو آهي. رواجي نالو اٿس آڊمس نيڊل (يعني حضرت آدم جي سئي). هي ولايتي ٻوٽو آهي. هن جو هڪڙو ٻه قسم هن ملڪ ۾ عام آهي. هڪڙي قسم جو نالو آهي، سپانش بيئنيٽ (يعني اسپين جي سنگين) يڪا جا پن وڏا، سخت ۽ چپترا آهن، هنن جي چهنب ۾ هڪڙو سئيءَ جهڙو ڪنڊو رهي ٿو. سانوڻيءَ جي ڏينهن ۾ هزارين اڇا گل ڪري ٿو، جي گهنڊڻين وانگي لڙڪي بيهندا آهن. هن جاپن گهميل زمين ۾ پورجن، ته اتي پاڙون هڻي ڦٽن ٿا. هڪڙي قسم جي پنن جي وَٽِ ٿورو اڇي ٿيندي آهي. يڪا جا ڪل ٽيهه قسم شمار ڪيا اٿن.[1] ڪنئار ٻوٽي به هن ذات مان آهي، جا هتي عام آهي.[1]

Adam's needle

Secure (NatureServe)
سائنسي درجا بندي e
Unrecognized taxon (fix): Yucca
جنس: Template:Taxonomy/Yucca{. filamentosa
حياتياتي نالو
Yucca filamentosa
L.
Yucca filamentosa, flowers close up.

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو