يوڪتي ڪپور
يُوڪتي ڪپور (Yukti Kapoor) هڪ مشھور ڀارتي اداڪارا آهي، جيڪا گهڻو ڪري هندي ٽيليويزن ۾ ڪم ڪري ٿي. هوءَ اسٽار پلس جي افسانوي سيريز، سيا ڪي رام (Siya Ke Ram)، ۽ ٽي وي جي ڊراما سيريز اگنيفيرا ۾ راگني سنگھ ۽ سوني سب جي سيريز ميڊم سر شو (Maddam Sir) ۾ ايس آءِ ڪرشما سنگھ جو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ مشهور آهي.
ذاتي زندگي
سنواريواپريل 2022 ۾، هن ٻڌايو هو ته هوءَ ڪنھن سان لاڳاپي يا ريليشنشپ ۾ آهي.
ڪيريئر
سنواريوهن پنهنجي اداڪاري جي شروعات 2010 ۾ ناني سي ڪالي ميري لاڊلي (Nanhi Si Kali Meri Laadli) سان ڪئي هئي، جنهن ۾ هوءَ گُڏيءَ جي ڪردار يا روپ ۾ نظر آئي هئي. ان کان پوءِ هوءَ 2013ع ۾ تنو چوھاڻ جي جلمل سيتارون ڪا آنگن هوگا (Jhilmil Sitaaron Ka Aangan Hoga)، 2013ع ۾ ”پيار ڪا درد هي ميٺا ميٺا پيارا پيارا“ (Pyaar Ka Dard Hai Meethha Meethha Pyaara Pyaara) ۽ ساڳئي سال هن پنهنجي فلمي ڪيريئر جي شروعات ڀوڄپوري فلم سان ڪئي. جنھن ۾ هن ”مونا ٻائي“ جو ڪردار ادا ڪيو.
2015 ۾، هن پنهنجي هندي فلم يووا سان ڪئي. پوءِ ساڳي ئي سال ۾، هن اسٽار پلس جي سيا ڪي رام ۾ پهريون مکيه ڪردار ادا ڪيو هو، جتي هن ڪرن سَچڪ سامهون ارميلا جو ڪردار ادا ڪيو.
2016ع ۾، هن باليڪا وڌو ۾ سُڌو شيخاوت جو ڪردار ادا ڪيو.
2020ع ۾، هوء پنهنجي پهرين ميوزڪ ويڊيو فڪري (Fakiri) ۾ آڏو آئي هئي. 2020ع کان وٺي 2023ع، يُوڪتي، گلڪي جوشي (Gulk Joshi) سان گڏ سوني سب جي ميڊم سر ۾ لکنؤ جي مھلا پوليس آفيسر، ايس آءِ ڪرشما سنگھ (S.I. Karshma Singh) جو ڪردار ادا ڪيو هو. 2022 ۾، هن ـميڊم سر“ سيريز ۾ پنهنجي ٻٽي ڪردار ۾، ڪرشمه سنگھ جي جاڙي ڀيڻ، ڪرينا سنگھ (Kareena Singh) جي ڪردار ادا ڪيو هو. </ref>https://en.wikipedia.org/wiki/Yukti_Kapoor <ref>