يورپين ايڪانامڪ ايريا

يورپين ايڪانامڪ ايريا يا يورپي معاشي علائقو (انگريزي: European Economic Area) ,, مختصرن (EEA) يورپي ملڪن جي ھڪ معاھدي سان پھرين جنوري 1994ع ۾ قائم ڪئي وئي [6]. اھا يورپي يونين جي رڪن ملڪن ۽ ايفٽا جي رڪن ملڪن (آئس لينڊ، ليڪٽنسٽائين ۽ ناروي) جي ملڪن کي ساڳي بنيادي قائدن تحت ھڪ داخلي مارڪيٽ سان ملائي ٿي.[1] اھي قاعدا يورپي يونين منجھ مزدورن، سامان، خدمتن ۽ سرمايي جي يورپين سنگل مارڪيٽ اندر آزاد منتقلي کي فروغ ڏين ٿا[7]. اھو ھڪ واپاري معاھدو آهي. ان جي آرٽيڪل 1 مطابق ان جو يورپين ايڪانامڪ ايريا جي ٺھڻ جو مقصد واپار ۽ معاشي ناتن جي لاڳيتي ۽ اعتدال واري مضبوطي کي فروغ ڏيڻ آهي. ايفٽا (EFTA) جا رڪن مشترڪ زرعي پاليسي يا مشترڪ ماھيگيري واري پاليسي ۾ شامل ناھن. يورپي معاشي علائقي جي رڪن ملڪن ۾ ماڻھن جي آزاد حرڪت ۽ منتقلي ۽ ان عمل جي تحفظ لاء اپاء ساڳيا ئي آھن جيڪي يورپي يونين جي رڪن ملڪن ۾ لاڳو ٿيل آھن[8][9] [10] يورپين ايڪانامڪ ايريا جي فيصلي سازي جي مرحلن سان يورپين ايڪانامڪ ايريا ۽ ايفٽا جا رڪن ملڪ شروعات کان ئي نئين پاليسي ۾ حصو وجھڻ ۽ اثرانداز ٿيڻ لائق بڻجن ٿا[11] 1994 ۾ ھن فورم جي ٿھڻ وقت 17 ملڪن سان گڏوگڏ يورپين ايڪانامڪ ڪاميٽي ۽ يورپين ڪول اينڊ اسٽيل ڪاميٽي شامل ھيا. 2020ع ۾ رڪن ملڪن جو تعداد 30 تائين ٿي ويو جن ۾ 27 يورپي يونين وارا ملڪ ۽ 3 ايفٽا جي چئن مان آئس لينڊ، ليڪٽنسٽائين ۽ ناروي شامل ھئا.

يورپين ايڪانامڪ ايريا
     يورپين يونين جا ملڪ جيڪي EEA ۾ شامل آهن     EFTA وارا ملڪ جيڪيEEA ۾ شامل آهن     EU۽ EFTA کان ٻاھر ملڪ جيڪي EEA ۾ شامل آهن[1]     EU جا ملڪ جيڪي EEA ۾ شامل ٿيڻ واري مرحلي ۾ آهن     EFTA جا ملڪ جن معاھدي تي صحيح ڪئي پر اڃان شامل ناھن
     يورپين يونين جا ملڪ جيڪي EEA ۾ شامل آهن     EFTA وارا ملڪ جيڪيEEA ۾ شامل آهن     EU۽ EFTA کان ٻاھر ملڪ جيڪي EEA ۾ شامل آهن[1]     EU جا ملڪ جيڪي EEA ۾ شامل ٿيڻ واري مرحلي ۾ آهن     EFTA جا ملڪ جن معاھدي تي صحيح ڪئي پر اڃان شامل ناھن
  • ادارا
  •  • اختياري
  •  • ريگيوليٽر
  •  • ڪورٽون
رڪن ملڪ[2][3]
قیام
• EEA  معاھدي تي دستخط
2 مئي 1992
• نفاذ العمل
1 جنوري 1994
پکيڙ
• جملي
4٬944٬753 km2 (1٬909٬180 sq mi)
آبادي
• 2017 اندازو
515,000,000
جِي. ڊي. پي  (رڳو نالي ۾ ) 2018 لڳ ڀڳ
• ڪل
US$20  ٽرلين ڊالر[4][5]

حوالا سنواريو

  1. 1.0 1.1 Under the Brexit withdrawal agreement, during a transition period the UK continues to be treated as a member of the EU and thus as a member of the EEA. It is planned that as soon as the transition period ends the UK will no longer be a member of the EEA.
  2. "Agreement details". Council of the European Union. حاصل ڪيل 7 July 2013. 
  3. "Agreement details". Council of the European Union. حاصل ڪيل 23 April 2014. 
  4. "Report for Selected Country Groups and Subjects". www.imf.org. 
  5. "Report for Selected Countries and Subjects". www.imf.org. 
  6. {{cite web |url=http://www.efta.int/eea/eea-agreement/eea-basic-features#1 |title=The Basic Features of the EEA Agreement - European Free Trade Association |website=www.efta.int}}
  7. "AGREEMENT ON THE EUROPEAN ECONOMIC AREA". European Free Trade Association. حاصل ڪيل 7 May 2017. 
  8. "Agreement on the European Economic Area". Official Journal of the European Union. حاصل ڪيل 2018-11-25. 
  9. "Directive 2004/38/EC of the European Parliament and of the Council". Official Journal of the European Union. حاصل ڪيل 2018-11-25. 
  10. "The Basic Features of the EEA Agreement | European Free Trade Association". Efta.int. حاصل ڪيل 2017-05-07. 
  11. "2182-BULLETIN-2009-07:1897-THIS-IS-EFTA-24" (PDF). حاصل ڪيل 2017-05-07. 

|