يوري پيڊيز (Euripides) آڳاٽي يونان جو هڪ وڏو ڊرامي نويس هو. هو اڪيلائي پسند هئو ۽ پنهنجو گهڻو وقت لکڻ پڙهڻ ۾ گذاريندو هئو. سقراط، جهن کي ڊراما ڏسڻ لاءِ واندڪائي نه هوندي هئي، اهو به ڏاڍي سرهائي سان يوري پيڊيز جا ڊراما ڏسڻ ايندو هئو. يوري پنهنجي ويچارن جي سونهن سان ڀرپور ڊرامن ۾ تانگهه سان ڀريل اڌمن، جذبن ۽ احساسن کي جيءُ جيئاريندڙ طريقي سان اهڙي نموني بيان ڪندو هئو ۽ سماج سان لاڳاپيل سوال اهڙي نموني اٿاريندو هو جو دلين ۾ آنڌ مانڌ وڌائي ڇڏيندو هو.

Euripides

هو جڏهن آڳاٽي يونان ۾ انساني قدرن کي لٻجندي ڏسندو هئو ته نه رڳو ان تي ٽيڪاتپڻي ڪندو هئو پر ان تي ڇوهه پڻ ڇڏيندو هو.

”عورتن جي ٽرائي“ ۾ يوناني هوندي به هن جون سڀئي همدرديون ٽرائي وارن سان هيون، جيڪي جنگ ۾ تباهه ٿي ويا هئا. هن کان جڏهن به، جتي به، جيئن به ٿي سگهيو، هن ديوتائن جي پاڪائي، تقدس ۽ پويترتا کي ضرب هڻي، کين خير ۽ شر جي حوالي سان انساني سطح تي آڻي بيهاريندو هو. ان ڪري کيس ملحد به چيو ويندو هو.

”عورتن جي ٽرائيَ“ ۾ هو چوي ٿو ته، ”جڏهن شهر ويران ٿي وڃن ٿا ته ديوتائن کي به ڪير نٿو پڇي، ۽ انهن آڏو مٿو ٽيڪڻ وارو به ڪو نه ٿو رهي.“ يعني ديوتائن جو هئڻ يا نه هئڻ، انسانن سان لاڳاپيل ۽ سلهاڙيل آهي. هڪ هنڌ ڊرامي ۾ چوي ٿو ته، ” ڪڏهن ائين به ٿئي ته ڪنهن مظلوم انسان جو ڏنل ڏوراپو به بددعا جي شڪل ۾ ديوتائن کي لڳي. ... “

يوري پيڊيز سوفسطائين جي صحبت ۾ ويهندو هئو. سوفسطائي ان زماني جا ترقي پسند هئا. اهي ان زماني ۾ هلندڙ ۽ لاڳو قانونن ۽ روايتن جي باري ۾ لاڳيتو سوال اُٿاريندا رهندا هئا. پرطاغورس (سوفسطائي) هڪ ڀيرو ديوتائن جي باري ۾ اهو چيو هو ته، ”آئون ديوتائن جي باري ۾ اهو نٿو چئي سگهان ته، انهن جو وجود آهي يا نه، يا اهي ڪهڙا آهن، اهو موضوع ڏاڍو منجهيل ۽ گنڀير آهي ۽ اسان جي زندگي مختصر آهي.“

ساڳي نموني ۾ يوري پيڊيز پنهنجي هڪ ڊرامي ۾ چوي ٿو ته، ”جيڪڏهن ڪو چوي ته آسمان ۾ ديوتا آهن، ته سمجهو ته ناهن. ڇو جو ڪو ڀوڪ، پراڻين گهٽ عقل وارين ڇسائين ۾ ايمان رکندي، اوهان کي دوکو ڏئي رهيو آهي.“

ول ڊيورانٽ يوري پيڊيز کي روشن خيالن ۽ ويچارن جو نمائيندو شاعر سڏي ٿو. هو هڪ اهڙو سماج چاهي ٿو، جتي مرد مرد جو، مرد عورت جو، ۽ رياست پنهنجي شهرين جي ڦرلٽ نه ڪري. يوري پيڊيز ديوتائن جي احساسن کان وانجهيل ۽ ڪنهن انسان کي ڏکن ڏاکڙن دوران ڪُنَ جي وچم ڇڏي وڃڻ جي گڻن يا اوگڻن کي آڏو آڻي وائکو ڪيو آهي. [1] [1]

  1. الميئيَ ڪا سفر ۔۔ اشفاق سليم مرزا