يورينس
يورينس URANUS (سنڌي:وار وڻي گِرَهَ، ھرشل، يؤرينس) جديد زماني جو دريافت ٿيندڙ ھي پھريون گرھ آھي. ان کان پھرين قديم اسٽرونومرز رڳو مرڪري، زھرہ ، مريخ ، مشتري ۽ زحل تي ڳالھائيندا ھئا ۽ انھن تي ريسرچ ڪندا ھئا .
Pictured as a featureless disc by Voyager 2 in 1986 | |
دريافت | |
---|---|
دريافت ڪيو | William Herschel |
دريافت ٿيڻ جي تاريخ | چُڪَ:ناقابلِڪار وقت. |
نالي جي وضاحت | |
اچار | i/ˈjʊərənəs/ or i/j[unsupported input]eɪnəs/[1][2] |
نالي جون صفتون | Uranian |
مدار جون وصفون [7][lower-alpha 1] | |
تاريخي زمانو (فلڪيات) | Epoch J2000 |
ايفي ھيلن | 20.11 AU (3,008 Gm) |
پيري ھيلن | 18.33 AU (2,742 Gm) |
اڌ وڏو محور | 19.2184 AU (2,875.04 Gm) |
مدار جي بي قائدگي | 0.046381 |
| |
سائنوڊڪ مدو | 369.66 days[5] |
مدار جي سراسري رفتار | 6.80 km/s[5] |
سراسري ۾ غلطي | 142.238600 ° |
مدار ۾ لاٿ | 0.773 ° to ecliptic 6.48° to Sun's equator 1.02° to invariable plane[6] |
بلندي يا چڙھائي | 74.006 ° |
96.998857 ° | |
جملي قدرتي سيٽلائيٽ | 27 |
طبعي وصفون | |
نيم قطر جي سراسري | 25,362±7 km[8][lower-alpha 2] |
استوائي نيم قطر | 25,559±4 km 4.007 Earths[8][lower-alpha 2] |
جاگرافيائي قطب جو نيم قطر | 24,973±20 km 3.929 Earths[8][lower-alpha 2] |
ھمواريت | 0.0229±0.0008[lower-alpha 3] |
قطر | 159,354.1 km[3] |
سطح جي ائوري (Surface aurie) |
8.1156×109 km2[3][lower-alpha 2] 15.91 Earths |
مقدار | 6.833×1013 km3[5][lower-alpha 2] 63.086 Earths |
وزن | 8.6810±0.0013×1025 kg 14.536 Earths[9] GM=5,793,939±13 km3/s2 |
گھاٽائي | 1.27 g/cm3[5][lower-alpha 4] |
سطحي ڪشش ثقل | 8.69 m/s2[5][lower-alpha 2] 0.886 g |
0.23[10] (estimate) | |
21.3 km/s[5][lower-alpha 2] | |
|
يورينس جي کوجنا اسان جي نظام شمسي جي حدن کي اڳيان وڌائي ڇڏيو جيڪي مشتري تائين محدود ھو .
ھي گرھ 13 مارچ 1781ء ۾ سر وليئم مارشل دريافت ڪئي . ھي ٽيلي اسڪوپ ذريعي دريافت ٿيندڙ پھريون گرھ پڻ آھي . جيتوڻيڪ ھن کي پراڻي زماني ۾ ڪڏھن به گرھ نه مڃيو ويو . ڇو ته ھي گھٽ چمڪندو آھي ۽ ھن جو چڪر پڻ آھستي آھي . ڏسڻ ۾ ھي صفا ستارن وانگي نظر ايندو آھي .
شروع ۾ ھرشل به ھن کي ستارو سمجھندو رھيو . ھرشل کان علاوه به ڪئي علم نجوم جي ماھرن ھن کي ستارو سمجھندا رھيا . سويڊش علم نجوم جي ماھر Anders John Lexell ھن جي مدار تي ريسرچ ڪيائين ۽ ان کي سياري وانگي ڏٺائين . ھن ٻڌايو ته ھرشل جو دريافت ڪيل آسماني جسم درحقيقت ھڪ گرھ آھي جيڪو ٻين گرھن وانگي سج کي مدار ۾ پڻ ڦري ٿو .
ھن جو نالو King George 3 رکيو ويو پر ھي نالو قبول عام نه ڪيو ويو . ٻين گرھن وانگي ھن جو نالو به رومن ميٿالوجي جي تحت يورينس رکيو ويو . ھن کي قبول عام ڪيو ويو . جيڪو رومن ميٿالوجي ۾ زحل جو پي ۽ مشتري جو ڏاڏو آھي . رومين جو آسماني ديوتا پڻ آھي .
يورينس اسان جي نظام شمسي جو ستون گرھ ۽ وزن ۾ چوٿون وڏو گرھ آھي . ھي سج کان ٽي بلين ڪلو ميٽر پري آھي . سج جي روشني ھن تائين پڄڻ ۾ اڍائي ڪلاڪ لڳن ٿا . گھڻو پري ھئڻ ڪري سج جي روشني زمين جي مقابلي ۾ 400% سيڪڙو گھٽ پڄي ٿو .
يورينس سج جو چڪر 84 زميني سالن ۾ مڪمل ڪندو آھي . پنھنجي مدار ۾ ھي ھڪ چڪر 17 ڪلاڪ چوڏھن منٽن ۾ پورو ڪندو آھي . ھن چڪر دوران ھن تي رات ڏينھن ناھن ٿيندا . ڇو ته ھي 90 ڊگري تي جھڪيل آھي . ڪجهه وقت لاء ھن تي رات ڏينھن وارو ڦيرو ٿئي ٿو . اسان لاء ھي اڃان راز آھي ته ائين ڇو آھي .
يورينس جسم ۾ نيپچون کان ٿورو وڏو آھي . ھن جا 27 چنڊ آھن . يورينس کي چوڌاري تيرنھن کن گول دائرا زحل وانگي پڻ آھن . جيڪي پٿر ۽ برف جا ٽڪڙا آھن . اھي رنگ اسان مشتري ، زحل ، نيپچون تي پڻ ڏٺا آھن . ھن جي چنڊن جا نالا پوپ ۽ شيڪسپيئر جي ڪردارن مان ورتل آھن .
20 آگسٽ 1977 تي موڪليل وائجر 24 جنوري 1986 ۾ يورينس جي سسٽم داخل ٿيو . وائجر 2 يورينس ڏانھن موڪليل پھرين ۽ آخري اسپيس ڪرافٽ آھي .
ھن جي درجه حرارت ڪاٽو 224 ڊگري آھي . جيڪو اسان جي نظام شمسي جو سڀ کان ٿڌو گرھ آھي . ان لاء ھن کي Ice Giat برفاني پربت چئبو آھي . ھن تي ھوا جي اسپيڊ 560 ميل في ڪلاڪ تائين ھجي ٿو .
سج کان ھن جو مفاصلو زحل کان ٻيڻ آھي .
حوالا
سنواريو
حوالي جي چڪ: "lower-alpha" نالي جي حوالن جي لاءِ ٽيگ <ref>
آهن، پر لاڳاپيل ٽيگ <references group="lower-alpha"/>
نہ مليو