يوروپا':Europa:سمنڊ جنھن کي زندگيء جو روح مڃيو وڃي ٿو. بنا سمنڊ جي زندگي ڪير سوچي به نه ٿو سگھي. اڄ ڪلھ اسان جي زمين جي ڪيئي ملڪ پاڻي جي کوٽ کي منھن ڏئي رھيا آھن . اھڙي ۾ کوجيندڙ اھڙن گرھن جي ڳولھا ۾ رڌل آھن جن تي پاڻي ملڻ جي اميد ۽ آسرو ھجي. ڪجهه ماھرن جو مڃڻ آھي ته پاڻي اسان جي سولر سسٽم ۾ موجود آھي. انھن جي خيال موجب زمين کان علاوه پاڻي مشتري جي چنڊ يوروپا تي آھي

Europa

Europa's trailing hemisphere in approximate natural color. The prominent crater in the lower right is Pwyll and the darker regions are areas where Europa's primarily water ice surface has a higher mineral content. Imaged on 7 September 1996 by Galileo spacecraft.
دريافت
دريافت ڪيو Galileo Galilei
Simon Marius
دريافت ٿيڻ جي تاريخ 8 January 1610[1]
نالي جي وضاحت
اضافي يا عارضي نالو Jupiter II
نالي جون صفتون Europan
مدار جون وصفون [3]
تاريخي زمانو (فلڪيات) Epoch 8 January 2004
پيري ايپسس 664,862 km[lower-alpha 1]
ايپسس 676,938 km[lower-alpha 2]
مدار جي سراسري جو نيم قطر 670,900 km[2]
مدار جي بي قائدگي 0.009[2]
3.551181 d[2]
مدار جي سراسري رفتار 13.740 km/s[2]
مدار ۾ لاٿ 0.470° (to Jupiter's equator)
1.791° (to the ecliptic)[2]
قدرتي سيٽلائيٽ Jupiter
طبعي وصفون
نيم قطر جي سراسري 1,560.8±0.5 km (0.245 Earths)[4]
سطح جي ائوري
(Surface aurie)
3.09×107 km2 (0.061 Earths)[lower-alpha 3]
مقدار 1.593×1010 km3 (0.015 Earths)[lower-alpha 4]
وزن 4.799844±0.000013×1022 kg (0.008 Earths)[4]
گھاٽائي 3.013±0.005 g/cm3[4]
سطحي ڪشش ثقل 1.314 m/s2 (0.134 g)[lower-alpha 5]
0.346±0.005[5] (estimate)
2.025 km/s[lower-alpha 6]
Synchronous[6]
  1. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named IAUMoonDiscoveries
  2. 2.0 2.1 2.2 2.3 2.4 "Overview of Europa Facts". NASA. وقت 26 March 2014 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 27 December 2007. 
  3. "JPL HORIZONS solar system data and ephemeris computation service". Solar System Dynamics. NASA, Jet Propulsion Laboratory. حاصل ڪيل 10 August 2007. 
  4. 4.0 4.1 4.2 4.3 4.4 Yeomans, Donald K. "Planetary Satellite Physical Parameters". JPL Solar System Dynamics. حاصل ڪيل 5 November 2007. 
  5. Showman, A. P.; Malhotra, R. (1 October 1999). "The Galilean Satellites". Science 286 (5437): 77–84. doi:10.1126/science.286.5437.77. PMID 10506564. 
  6. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named Geissler
  7. Bills, Bruce G. (2005). "Free and forced obliquities of the Galilean satellites of Jupiter". Icarus 175 (1): 233–247. doi:10.1016/j.icarus.2004.10.028. Bibcode2005Icar..175..233B. 

گليليو گليلي جي کوج ڪيل چار چنڊن ۾ سڀني کان ننڍو چنڊ يوروپا آھي. چھين نمبر تي مشتري جي ويجھي کان ڦرندڙ ھي عجوبو اسان جي نظام شمسي جو پڻ ڇھون نمبر وڏو چنڊ آھي. روم جي بادشاھ King Minos جي ماء جي نالي تي ھن جو نالو يوروپا رکيو ويو. ھن جي اوسط اسپيڊ 13.740 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ آھي. يوروپا جو ھڪ چڪر پنھنجي گرھ جي چوڌاري 3.55181 ٽن ڏينھن ۾ لڳي ٿو . يوروپا نظام شمسي جي سڀني ڄاتل شين کان وڌيڪ لسو مٿاڇرو رکي ٿو. ھن ڏانھن 1989ء تي گليليو خلائي مشن روانو ڪيو ويو. اڃان تائين ڪو به خلائي گاڏي ھن چنڊ تي ناھي لٿو جڏھن ته انيڪ مشن ھن ڏانھن وڃي چڪا آھن ۽ اسان کي پڻ ھن بابت ڪارائتي ڄاڻ ڏئي چڪا آھن. يوروپا مشتري گيس پربت سان مڪمل طور ڳنڍيل آھي. ھي مشتري کي 670،900 ڪلو ميٽر پري کان ڦري ٿو.

يوروپا Europa جي پيدائش لڳ ڀڳ چارسو پنجاھ ملين سال پھريان مشتري سان گڏ مڃيو وڃي ٿو. يوروپا چنڊ جي کوج 8 جنوري 1610ء تي گليليو گليلي ڪئي. يوروپا چنڊ ان ڪري به اھم آھي جو تمام ماھرين اھو مڃيندا آھن ته يوروپا تي وشال پاڻي جو سمنڊ آھي. جنھن جي اونھائي 100 ڪلو ميٽر کان به وڌيڪ ٿي سگھي ٿو . ايئن مڃڻ جا ڪيئي ڪارڻ آھن ڇو ته يوروپا جو مٿاڇرو لسو آھي ۽ ھن جو مٿاڇرو زميني سمنڊ وانگي پڻ لڳي ٿو. ماھرين جو چوڻ موجب ھن جي مٿاھين سطح برف سان ٺھيل آھي. ان جي ھيٺان ھڪ وشال سمنڊ آھي. جيتوڻيڪ يوروپا جو گرمي پڌ تمام گھٽ آھي تنھن ڪري مٿيون پاڻي ڄمي وڃي ٿو.

يوروپا جي روشني کي واپس Reflect ڪرڻ جي رفتار 0.64 آھي. جيڪو اسان جي نظام شمسي جي سڀني جسمن کان وڌيڪ آھي. روشني کي واپس Reflect ڪرڻ جي ايتري طاقت رڳو پاڻيء ڪارڻ ئي ممڪن ٿي سگھي ٿو. يوروپا جي مٿاڇري تي تمام گھڻي مقدار ۾ چير يا دراڙ نظر ايندا آھن . جن ۾ برف ڀريل لڳي ٿو. محققن جو مڃڻ آھي ته يوروپا پنھنجي مدار تي ڦرندي جڏھن مشتري Jupiter جي ويجھي ايندو آھي ته مشتري جي مضبوط گريوٽي ميدان جي ڪارڻ يوروپا جي پاڻي ء کي مٿي اٿاري ٿو ڇاڪاڻ ته يوروپا جي مٿين سطح برف آھي ھو مٿي ٿي وڃي ٿو ۽ پري کان ڏسڻ وٽان ھو چيريل نظر اچي ٿو.

يوروپا تي شھابيا تمام گھٽ مليا آھن ان ڳالھ ڏانھن اشارو ڪن ٿا ته ھن جي سطح نئي آھي. جيئن ته سڀني پٿريلي گرھن يا جسمن تي شھابيا ڪرڻ ڪري وڏا کڏا ٺھن ٿا. جن کي شھابيا Crater چيو ويندو آھي. ان جي ابتڙ يوروپا تي شھابيا Crater ان ڪارڻ ناھن ٺھيا جو جڏھن ڪو پٿر ھن جي مٿاڇري تي ڪري ٿو ته ھو برف جي مٿاڇري کي ڀڃي ڪري ھيٺ ھليو وڃي ٿو. ان کان پوء ھيٺين سطح جو پاڻياٺ گرمي پڌ وارو پاڻي مٿي اچي ڄمي برف ٿي وڃي ٿو.

2013 ء تي ھبل ٽيلي اسڪوپ Hubble Telescope سان ھن جي ڏاکڻي حصي ڏانھن ڦوھاري جھڙي شيء مٿاڇري کان مٿي ايندي نظر آئي جيڪو پاڻي جو ڦوھارو ٿي سگھي ٿو.

انھن ڳالھين کي ذھن ۾ ويھاريندي ماھرين کي يقين آھي ته يوروپا تي پاڻي جو ھڪ وشال سمنڊ آھي. جنھن جي ھيٺان پٿريلي سطح آھي ته وري مٿان برفيلي تھہ آھي. جيڪڏھن زمين ۽ يوروپا جي پاڻي جي ڀيٺ ڪجي ته محققين جي تحقيق موجب يوروپا تي پاڻي جي مقدار زمين کان ڪيئي ڀاڱا وڌيڪ موجود آھي. زمين جو ٽي ڀاڱي ھڪ 3/1 حصو پاڻي آھي. ھن جي اونھائي پٿريلي ڀاڱي جي سامھون ڪجهه به نه آھي. زمين جي پاڻيء جو جيڪڏھن بال ٺاھجي ته ھو لڳ ڀڳ 700 ڪلو ميٽر ڊگھو ٿيندو. اھڙي ريت يوروپا تي پاڻي جي مقدار زمين جي مقدار کان وڌيڪ آھي. يوروپا جي مٿاڇري جي ھيٺيان پاڻي اسي ان سو ڪلو ميٽر جي اونھائي تائين آھي. يوروپا جي پاڻي سان ٺھيل بال لڳ ڀڳ 877 ڪلو ميٽر ٿيندو. يوروپا تي پاڻي جي موجودگي جا آثار ملن کان پوء سوال پيدا ٿي ٿو ته ڇا اتي زندگي موجود آھي؟

يوروپا تي پاڻي ھجڻ ڪارڻ ماھرين کي لڳي ٿو ته پاڻي جي اونھائين ۾ زندگي ملي سگھي ٿي. يوروپا زمين وانگي ھائيڊروجن جي مقابلي 10 سيڪڙو وڌيڪ آڪسيجن پيدا ڪندو آھي جيڪو ھن تي زندگي جي موجودگي جي اميد کي وڌائي ڇڏي ٿو. يوروپا تي انيڪ مشن موڪلڻ جو پروگرام آھي. انھن ۾ ھڪ مشن اھڙو به آھي جنھن سان ايٽم بم جي گرمي پيدا ڪندڙ ھٿيار ھوندا جيڪو مٿاڇري جي برف کي پگھاريندي تيسين تائين اندر ويندو جيسين تائين ھو سمنڊ ۾ وڃي گھڙي يا اھو ثابت ڪري ته يوروپا تي ڪو اھڙو سمنڊ نه آھي. محقق مڃن ٿا ته مٿاڇرو 10 ڪلو ميٽر کان به وڌيڪ ٿلھو آھي. انھيء ڪارڻ مشن کي سمنڊ تائين پھچڻ ۾ گھڻي اونھائي تائين ھيٺ وڃڻو پوندو. اھڙي مشن لاء ضروري آھي ته ان ايتري طاقت ھجي جو ھو زمين تائين سگنل Signal موڪلي سگھي. ھي مشن اتي پنھنجي واٽ به اختيار ڪري سگھي ڇو ته زمين کان ھن تائين حڪم پڄڻ ۾ ڪيئي منٽ لڳندا.

يورپ جي خلائي ايجنسي European Space Agency جي 2023 ء ۾ ھڪ مشن مشتري Jupiter جي سڀني برفي چنڊن ڏي موڪلڻ جو پروگرام آھي. ناسا جو Europa clipper به 2025 ء تائين يوروپا ڏانھن موڪلڻ جو ارادو آھي. اميد آھي ته ھن چنڊ بابت انسان جي ڄاڻ وڌندي


حوالي جي چڪ: "lower-alpha" نالي جي حوالن جي لاءِ ٽيگ <ref> آهن، پر لاڳاپيل ٽيگ <references group="lower-alpha"/> نہ مليو