يمن ڪلياڻ __(Yaman Kalyan):

شاهه جي رسالي ترتيب جي لحاظ کان رسالي ۾ ٻيو نمبر سر آهي. يمن ڪلياڻ به ڪلياڻ جو قسم آهي . ’يمن‘ جي معنيٰ آهي ’من کي روڪڻ‘. هن سر ۾ شاهه صاحب من کي وس ۾ آڻڻ لاءِ هدايتون ٿو ڏئي. ڏمر ڏک آهي ۽ صبر ۾ سک. سڀني سان من کي ماري ميڻ ڪرڻ گهرجي. يمن ڪلياڻ لاءِ اندازو اھي تھ شاھھ سائين اھو سر پنھنجي جوانيءَ ۾ لکيو. ڪلياڻ آڏواڻي لکي ٿو ته: ”هن سُر جي پنجين داستان ۾ شاهه صاحب فرمايو آهي ته ”صوفي“ ڪنهن کي چوڻ روا آهي ۽ صوفيءَ لاءِ ڪهڙيون وصفون گهرجن.“ هن سُر ۾ پرينءَ جي باري ۾ جدا جدا تمثيلون آيل آهن. ڪٿي هو شهسوار آهي ته ڪٿي ڪامل تيرانداز. ڪٿي ويڄ آهي ته ڪٿي ڪلال ته ڪٿي لهار. [1]

حوالا سنواريو

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي