يقين جو مطلب الله جي ذات تي مڪمل ڀروسو ۽ اطمينان آهي۔ ڪو به شخص خواه ڪنهن به مذهب جو هجي انجو پنهنجي معبود تي يقين ئي ان جي مذهب کي جاري رکندو آهي۔ اسلام دين جا مڃڻ وارا الله جي ذات تي يقين رکندا آهن۔ڪائنات جي تخليق کان وٺي ان جي هر شيء کي علم، زندگي ۽ موت ڏيڻ واري هڪ ئي الله جي ذات آهي۔ اسانجي زندگي جو نظام هو ئي هلائي رهيو آهي، هن زندگي گذارڻ جي لاء پنهنجو ڪتاب قرآن مجيد نازل ڪيو۔ پنهنجا نبي عليه السلام موڪليا۔ اگر انسان قدرت جي مظهرن تي غور ڪري ته ڪا شيء بي فائدا نه آهي ۽ نه ئي ڪا شيء خودبخود وجود ۾ اچي سگهي ٿي ۽ نه ڪنهن کي ڪو فائدو ڏئي سگهي ٿي۔ هي اهو ئي غور آهي جيڪو انسان کي الله جي سڃاڻپ ڪرائيندو آهي پوء انسان جي هي سڃاڻپ يقين ۾ تبديل ٿي ويندي آهي ان طرح سان هن جي مذهبي زندگي اڳتي وڌندي آهي.