يتيم ان ٻار کي چيو ويندو جنھن جو والدين مان ڪوئي ھڪ ماءُ يا پيءُ يا ٻئي حال حيات نہ ھجن. قرآن جي سورہ النساء ۾ فرمان آھي ته:

وَابْتَلُوا الْيَتَامَىٰ حَتَّىٰ إِذَا بَلَغُوا النِّكَاحَ فَإِنْ آنَسْتُمْ مِنْهُمْ رُشْدًا فَادْفَعُوا إِلَيْهِمْ أَمْوَالَهُمْ ۖ وَلَا تَأْكُلُوهَا إِسْرَافًا وَبِدَارًا أَنْ يَكْبَرُوا ۚ وَمَنْ كَانَ غَنِيًّا فَلْيَسْتَعْفِفْ ۖ وَمَنْ كَانَ فَقِيرًا فَلْيَأْكُلْ بِالْمَعْرُوفِ ۚ فَإِذَا دَفَعْتُمْ إِلَيْهِمْ أَمْوَالَهُمْ فَأَشْهِدُوا عَلَيْهِمْ ۚ وَكَفَىٰ بِاللَّهِ حَسِيبًا
ترجمو: ۽ ايستائين يتيمن کي پرکيو جيستائين پرڻي (جي عمر) کي پھچن، پوءِ جيڪڏھن اُنھن ۾ ڪا سياڻپ لھو تہ سندن مال کين ورائي ڏيو، ۽ اُھي (مال) اجايو ۽ (سندن) وڏي ٿيڻ جي ڀؤ کان تڪڙ ڪري نہ کائو، ۽ جيڪو (سنڀاليندڙ) آسودو ھجي تنھن کي گھرجي تہ (يتيم جي مال کائڻ کان) پاسي رھي، ۽ جيڪو مسڪين ھجي سو مناسب (خدمت) آھر کائيندو رھي، پوءِ جڏھن سندس مال کين ورائي ڏيو تڏھن مٿن شاھد ڪريو، ۽ الله حساب ڪندڙ بس آھي

— سورہ النساء:6

سورہ النساء جي آيت نمبر 6 مطابق يتيمن جي مال سنڀالڻ جي ذميداري لاء نگھبان ڏسي تہ يتيم بالغ ٿيڻ جي عمر ۾ پھچڻ سان گڏوگڏ ان جي عقلي نشونما ڪيئن آھي. ان ۾ پنھنجا معاملا پنھنجي ذميداري سان ھلائڻ جي اھليت ڪيتري آهي[1]. ملڪيت جي صورت ۾ ٻہ شرطون آھن: بلوغت جي عمر ۽ رشد يعني ملڪيت سنڀالڻ جي سمجھ. پھرين شرط تي اسلامي فقيھن جو اتفاق آهي. ٻئين شرط بابت امام حنيفه جي راء آھي تہ بلوغت جي عمر ۾ جيڪڏهن يتيم ۾ مال سنڀالڻ جي اھليت نہ ھجي تہ ولي يا نگھبان وڌ ۾ وڌ ست سال ٻيا انتظار ڪري ۽ پوء ان يتيم ۾ چاھي رشد يا سمجھ اچي يا نہ اچي ٻنھي صورتن ۾ امانت ان جي حوالي ڪري ڇڏي[1]. امام ابو يوسف، امام محمد ۽ امام شافعي جي خيال مطابق سمجھ يا رشد اھڙي صورت ۾ لازمي شرط آھي. مولانا مودودي جي خيال مطابق ان صورت ۾ معاملو عدالت ڏي رجوع ٿيڻ کپي تہ اھا نگراني لاء مناسب بندوبست جو فيصلو ڪري[1].

  1. 1.0 1.1 1.2 - ڪتاب: تفھيم القرآن ، جلد اول ، ابوالاعلي مودودي، اداره ترجمان القرآن ، لاھور ڇاپو 35 مارچ 2003، صه :323