يان وين آئيڪ
يان وين آئيڪ (انگريزي: Jan van Eyck ) ھڪ فليمش پينٽر ھيو جيڪو موجوده بيلجيم جي شھر بروش (Bruges) ۾ مصروف رھيو ۽ نيدرلينڊ جي شروعاتي پينٽنگ جو باني ھيو، ۽ شروعاتي جاڳرتا واري آرٽ جو اھم ترجمان ھيو. 1422 ۾ ھن کي ھيگ شھر جي لڳ ڀڳ ويجھو بويريا جي ڊيوڪ جان III، ھالينڊ جو حاڪم، طرفان پينٽنگ جو روزگار مليو ھو. ھن کي درٻاري پينٽر مقرر ڪيو ويو. 1429 ۾ ھي بروش موٽي آيو جتي باقي زندگي گذاريائين. فلپ ھن کي تمام گھڻي عزت ڏني ۽ کوڙ دفعا کيس سفارتي وفد ۾ ٻاھر موڪليائين. ھي ھڪ دفعو لزبن پڻ ويو [1]ھن وقت ويھ کن بچيل پينٽنگون جن جي نالي سان منصوب آھن. ھن سيڪيولر ۽ مذھبي ٻنھي موضوعن تي ڪم ڪيو. فلپ ھن کي سٺو اجورو ڏنو
يان وين آئيڪ Jan van Eyck | |
---|---|
يان وين آئيڪ جو 1433 ۾ پنھنجو ٺاھيل پورٽريٽ جنھن جو نالو پورٽريٽ آف آ مين رکيائين. اھو نيشنل گيلري لنڊن ۾ رکيل آهي | |
پيدائش | 1390 يا 1395 کان اڳ |
وفات | 9 جولاءِ 1441 بروش(Bruges) موجوده بيلجيم ۾ |
تعليم | رابرٽ ڪيمپن |
مشھور ڪم | گھينٽ الٽرپيس، ارنالفني پورٽريٽ، ميڊونا آف چانسلر رولن. |
سياسي تحريڪ | نيدرلينڊ جي شروعاتي پينٽنگ, اترين جاڳرتا |
Patron(s) | جان III، بويريا جو ڊيوڪ، بعد ۾ فلپ د گڊ |
حوالا
سنواريو- ↑ See M. Parada Lopez de Corselas, El viaje de Jan van Eyck de Flandes a Granada (1428-1429), Madrid: La Ergastula, 2016 ISBN 978-84-16242-20-7