يادگيريون(انگريزي: Memoir ) در اصل ’آتم ڪٿائي ادب‘ ۾ اچن ٿيون. پر پوءِ به ٻنهي ۾ بنيادي تفاوت آهي. آتم ڪٿا ۾ ليکڪ جو مقصد پنهنجي زندگيءَ جو بيان ڪرڻ هوندو آهي. آتم ڪٿا جو هيرو خود ليکڪ هوندو آهي ۽ هو پنهنجي ارد گرد جي حالتن جو ايترو عڪس چٽيندو آهي جيترو خود انهن حالتن کان متاثر ٿيل هوندو آهي. يا هن حالتن کي اثر انداز ڪيو هوندو آهي. مگر يادگيرين ۾ليکڪ جو مقصد پنهنجي وقت جو مشاهدو لکڻ هوندو آهي. اتهاسڪار جي خارجي نظرئي کان هن جو نظريو الڳ آهي. يادگيرين ۾، ليکڪ جيڪو خود ڏسندو يا محسوس ڪندو آهي، اهو ئي لکندو آهي. ان ڪري هن جي لکت ۾هن جا آزمودا به اچي وڃن ٿا. ان نقطه نظر کان عبارت ۾ هو مضمون نگار جي ويجهو آهي. درحقيقت هو پنهنجي ڀوڳنا سان پنهنجي چؤگرد جي جيون جو سرجڻ ٿو ڪري. تاريخ نويس جيان هو محض بيان يا حقيقتون پيش ڪندڙ ناهي.يادگيرين ۾، ليکڪ جيڪڏهن پنهنجي باري ۾ وڌيڪ لکي ته هن جي لکڻي ”آتم ڪٿا“ جي ويجهو ۽ جيڪڏهن ٻين شخصن جي باري ۾ وڌيڪ لکي ته ”سوانح نگاري“ جي ويجهو ٿيندي. [1]يادگيرين ۾ ڌيان جو مرڪز لکندڙ جي پنھنجي زندگي بدران ان جي زندگي واري وقت ۾ ايندڙ ٻيا ھوندا آھن[2].

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي
  2. Pascal, Roy (1960). Design and Truth in Autobiography. Cambridge: Harvard University Press.