يادو ونسي گھراڻو
يادو ونسي خاندان يا جادو ونسي گهراڻو راجا پروروس جنھن چندر ونسي گهراڻي جو بنياد وڌو، سو وچ هماليه جبل واريءَ واٽ کان آيو هو. سندس ئي ڪل مان راجا بياتيءَ جي ٻن پٽن يدو ۽ تروسو، جي اولاد بابت رگ ويد ۾ ڄاڻايل آهي تہ اهي سمنڊ جي رستي آيا هئا، ۽ اندر ديوتا پنھنجيءَ ٻاجهہ سان کين سلامتيءَ سان آڻي پھچايو هو. انھيءَ باري ۾ کوجنائن ڪرڻ سان يوروپي عالمن کي يقين ٿيو آهي تہ اهي يدو ۽ تروسو آريہ لوڪ بابل يا بئبلان (بئبلونيا) کان سمنڊ رستي اول سنڌ ۾ اچي رهيا هئا. اڳي انھيءَ طرف کان ماڻھو دنگين ۽ جھازن ۾ چڙهي، ايراني نار وارو ڪنارو ئي ڪنارو ڏيئي، سنڌونديءَ جي ڇوڙ وٽ اچي لھندا ھئا. انھن کوجنائن جا وڏا بيان رايل ايشياٽڪ سوسائٽين جي جنرل ۾ ڏنل آهن. جن مان ٿورو مضمون سن 1910ع ۾ ڪراچيءَ جي ڊي. جي. سنڌ ڪاليج مسيلنيءَ ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. ھن مان ائين سمجهجي ٿو تہ يدو ۽ تروسو آريہ لوڪ وچ ايشيا کان اولاھندي ايشيا طرف ٽڙي پکڙي ويا هئا، ۽ پوءِ اتان سمنڊ جي رستي سنڌ ڏي آيا هئا، يا هيئن بہ چئجي تہ ھندستان ۾ اچڻ کانپوءِ ايڏانھن ويا هئا ۽ سمنڊ جي رستي موٽيا هئا. هرحال ايترو پڪ سان چئبو تہ رگ ويد واري زماني ۾ ئي آريہ لوڪ سمنڊ جو سفر ڪندا هئا، ۽ پروفيسر مئڪڊونيل جو چوڻ تہ رگ ويد آرين سمنڊ ڏٺو ئي ڪونہ ھو، سا بنھ غلط ڳالھ آھي.
يدو آريہ لوڪ راجا يدوءَ جو اولاد هئا، تنھنڪري يادؤ (جادؤ) ۽ يادؤ ونسي (جادؤنسي) يعني راجا يدوءَ جو اولاد سڏبا هئا. شري ڪرشڻ بہ جادؤ ونسي ڪل مان هو، جنھنڪري چئبو تہ سندس ابا ڏاڏا اصل ڪجهہ وقت سنڌ ۾ هئا. جيسلمير جا ڀٽي راجپوت، ۽ سنڌ، ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ جا سما راجپوت بہ جادؤ ونسي ڪل مان آهن. رگ ويد موجب يدو آرين سان گڏ بيا تروسو آريہ لوڪ سمنڊ جي رستي آيا ھئا. انھن بابت پراڻن ۾ ڄاڻايل آهي تہ ھنن پوءِ ڏکڻ ھندستان ۾ وڃي پنھنجون بادشاھتون برپا ڪيون جي پانڊيہ، چول، ڪيرل وغيره نالن سان مشھور ٿيون. اتر هندستان جي ڪن آرين ۽ ڏکڻ هندستان جي چول لوڪن پوءِ بئبلونيا ۾ ٻين پاسي بيٺڪون وجهي، يورپ تائين وڻج واپار پئي ڪيو.[1]
حوالا
سنواريو- ↑ {ڪتاب: قديم سنڌ؛ از: ڀيرومل مھرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، سنڌ http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page10.html#_ftn4. Missing or empty
|title=
(مدد)}