بي پاڙي يا وڻ ويڙهي ول آهي، جنھن جا پن ڪونہ ٿين. سُوتليءَ جھڙين بيشمار سنهين تندن واري وَلِ، جنھن جون تندون عموماً سائيرڙيون ۽ پِيليون ٿين. هي ٻي حيات تي پلجندڙ ول جو قسم آهي. هنديءَ ۾ هن ول کي ”آڪاس بيل“ يا ”امربيل“ بہ چون. هيءَ ول ڊسمبر ۾ گُل جهلي ۽ مارچ ۾ ڇڻي ويندي آهي. ٻجن مان نازڪ ٻوٽا نڪري وڻن جي ڳولا ۾ پکڙجن ٿا، جنھن وڻ جي مھمان ٿئي، ان وڻ کي سُڪائي ڇڏي. ڇو تہ ول جون تندون، وڻ جو رس چوسي، ان کي جلد ئي سڪائي ڇڏينديون آهن. هيءَ ول سنڌ ۾ عام جام وڻن ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿي. هن جون ٻہ چار لامون کڻي هڪ وڻ تان ٻئي وڻ تي اڇلائبيون تہ ان کي سڪائينديون ۽ پاڻ وڌنديون وينديون. هن جو ذائقو ڦڪو ۽ رس لعابدار، بنا بوءِ جي ٿئي ٿو. هيءَ ول ٿر ۾ مَريڙي، ڪَنٽي، ساٽوڙي ۽ ڪن ٻين وڻن تي اُڀري، وڌندي ۽ پکڙجندي ويندي آهي. هن ول ۾ سنهڙو ڄارو هوندو آهي. جنھن کي پٽي، ماڻھو پير ۾ ڦٽ ۽ گهُٻَ کان ٻڌندا آهن تہ اهو ڦاٽي پوندو آهي.[1]

  1. "بي پاڙي : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2023-04-18.