زمين تي پوکيل يا بيٺل وڻن سان خاص لڳاءُ رکندڙ ماحولياتي ڪارڪن، جيڪو وڻن جي واڍيءَ، ٻيلن مان بنا ضرورت جي اجايو وڻن جي وڍڻ واري عمل جي مُخالفت ڪري ۽ ڪنهن به صورت ۾ اهڙي عمل جي اجازت نه ڏئي، ته اُن کي وڻن جو عاشق (Wannan jo Aashiq) يا ٽري هگر (Tree Hugger) چيو وڃي ٿو. هن قسم جا ڪارڪنَ وڻن کي به ساهه وارو سمجهندي، اُنهن جي انسانن جيان حفاظت ڪرڻ تي زور ڏين ٿا ۽ ٻيلن جي واڌ کي انساني بقا ۽ واڌ ويجهه جي لاءِ اڻ- ٽر قرار ڏيندي، وڌ ۾ وڌ ٻوٽا يا وڻ پوکڻ ۽ ساواڻ وڌائڻ جي سلسلي ۾ وڏيون مهمون هلائين ٿا. ماحوليات جي حوالي سان ٿيندڙ سياست ۾ ”وڻن جي واڍيءَ جا مُخالف“ پنهنجي جاکوڙي موقف ڪارڻ مشهور آهن. [1] سنڌ ۾ پڻ رفيق سومري نالي هڪ اهڙي جاکوڙي شخصيت موجود آهي، جنهن کي صحيح معنا ۾ وڻن جو عاشق چئي سگهجي ٿو. جنهن پنهنجي سچي اُتساهه ۽ عملي ڪم سان سنڌ ۾ وڏو ڪم ڪيو آهي. سنڌ ۾ وڻڪاري جي حوالي سان رفيق سومري جو ڪردار سچ پَچ به ڏاڍو سارهه جوڳو آهي.

حوالا سنواريو

  1. سنڌي آنلائين ڊڪشنري[مئل ڳنڍڻو] پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد