وڳر ڪيو وتن پرت نه ڇنن پاڻ ۾
هي شاه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي بيت جي هڪ سٽ آهي.
طبعي ڄاڻ
سنواريواوهان ڄاڻو ٿا ته ڪُونجون وڳر ڪري ڇو اُڏامنديون آهن. ڇو جو اهو طريقو انهن لاءِ وڌيڪ پُر اَثر ۽ فائدي وارو آهي. هر دفعي جڏهن ڪُونج پنهنجا پَرَ ڦڙڦڙائي ٿي ته اها پنهنجي پَرَن جي ويجهو هوا جو هڪ گولائي وارو ڪُن، واچوڙو يا ڀنور ٺاهي ٿي، جيڪو ڪونج جي پٺيان چڪر کائي، ڪونج کي اڳيان دڪيندي، پٺيان ٿيندو ويندو آهي. پُٺيان ايندڙ ڪونج هوا ۾ رهڻ لاءِ هر هر پَرَ هلائڻ جي بدرآن اڳين ڪُونج طرفان ٺاهيل هوا جي گولائي واري زورَ، دٻاءَ يا ڀنور جي ڪناري تي پنهنجو پاڻ کي رکي ٿي. اڳين ڪونج طرفان هوا جو هي ٺاهيل ڪُن يا ڀنور هڪ اهڙو هنڌ يا نقطو هوندو آهي، جتي هوا هڪ ننڍڙي واچوڙي وانگر چڪر کائي مٿي وڃي ٿي. هوا جو اهو ئي مٿي ڏانهن ويندڙ جهوٽو يا دٻاءُ پٺيان ايندڙ ڪونج کي اُڏام ۾ مدد ڏيندو آهي. ان جو مطلب هي ٿيو ته وڳر جي نموني اُڏامڻ سان، پٺيان ايندڙ ڪُونجن کي هوا ۾ اُڏامڻ لاءِ گهٽ کان گهٽ طاقت استعمال ڪرڻي پوي ٿي، تنهنڪري اهي وڳر جي صورت ۾ اُڏامي پنهنجي منزل تي پهچن ٿيون. [1]
حاصل مقصد
سنواريوگڏجي سڏجي ڪم ڪرڻ سان تڪڙا نتيجا به ملندا آهن ۽ تڪليفن کان به نجات ملي ٿي، ان سان گڏ ماڻهن ۾ پيار، سڪ ۽ برداشت جو مادو به وڌندو آهي.