جڏهن ڪوئي يوزر سنڌي وڪيپيڊيا (انسائيڪلوپيڊيا) تي پنهنجو کاتو ٺاهي ٿو ته ان کي پنهنجي کاتي نالو سان هڪ مُڪمل صفحو (يوزر صفحو) ۽ اُن سان لاڳاپيل بحث صفحو (تبادلهءِ خيال، يا ڳاله ٻولهه) جو صفحو حاصل ٿيندو آهي اُنهيءَ صفحي کي انسائيڪلوپيڊيا (اها لغت جنهن ۾ سڀني علمن بابت مفصل بيان هجي) تي يوزر صفحو (user page) چيو ويندو آهي۔ انسائيڪلوپيڊيا جي پاران کاتو ٺاهڻ واري يوزر کي هي يوزر صفحو ڏيڻ جو مقصد انسائيڪلوپيڊيا جي معلومات رسائي منصوبي ۾ يوزر جي خدمتن (ڀاڱيدارين) جو اِعتراف ۽ اُنجي ڪم ۾ شامل ٻين ساٿين (ٻين يوزرن) سان رابطي ۾ آساني پيداڪندو آهي. هن يوزر صفحي جي وسيلي سان يوزر پنهنجي شناخت قائم ڪري سگهي ٿو ۽ سڄي دُنيا سان پنهنجي پاڻ کي متعارف ڪرائي سگهي ٿو۔ هن يوزر صفحي تي عمومي طور تي يوزر کي پنهنجي باري ۾ تمام ڳالهيون درج ڪرڻ جي مُڪمل آزادي حاصل هوندي آهي ۽ هو ان ذاتي يوزر صفحي کي جنهن انداز ۾ چاهي آرستا ۽ پيراستہ ڪري سگهي ٿو ۽ يوزر صفحو جي ان خوبصورت تزئين جي لاءِ ان کي هر قسم جي معاونت پڻ فراھم ڪئي ويندي آهي ، ان معاونت (مدد، رهنمائي) کي حاصل ڪرڻ جا چند صفحا (في الحال انگريزيءَ ۾) هن انسائيڪلوپيڊيا تي مخصوص آهن جن کي هِتي ڏسي سگهجي ٿو۔
ڇاڪاڻ ته هي وڪيپيڊيا يعني انسائئيڪلوپيڊيا ڪائي عمومي ويب مهماني خدمت (web hosting service) ناهي لہذا توهان کي يوزر صفحي کي توهان جي ذاتي ويب_سائٽ (ذاتي ويب_سائٽ) جو درجو حاصل ناهي۔ ان ڳاله کي ملحوظ خاطر رکڻ ا اهم آهي تہ توهان جو يوزر صفحو توهان جي ذاتي ويب سائٽ ناهي بلڪہ هي --- هِن وڪيپيڊيا --- تي توهان جي ڪردار ۽ فعاليت (سرگرميءَ) جي باري ۾ آهي ۽ هن تي رکيو ويندڙ مَواد يا معلومات جو اندراج ، هِن منصوبي (وڪيپيڊيا) تي توهان جي ڀاڱيداري آهي ،توهان جا لکيل مَضمونَ ۽ توهان جي مجموعي ڪار ڪردگيءَ جي باري ۾ هُجڻ گُهرجي۔
توهان جو يوزر صفحو ، مندرجہ بالا تمام صفحن جو مجموعو چئي سگهجي ٿو، يعني مندرجہ بالا تمام قسمن جي صفحن ، توهان جو يوزر صفحو تشڪيل ٿيندو آهي۔ تي ياد آوري فرمايو ته هِتي لفظ ---- توهان جو ---- سان مُراد توهان جي ملڪيت هرگز ناهي پر هِتي توهان جو سان مُراد توهان سا تعلق کي ظاهر ڪري ٿو۔ يعني وڪيپيڊيا تي توهان متعلق صفحو نه هي ته وڪيپيڊيا تي توهان جي متعلق صفحو۔
بالائي قطعي ۾ درج ڪيل متعدد ڱنڍڻن منهجان Special:Mypage ۽ Special:Mytalk ٻه اهڙا رابطا يا ڱنڍڻا آهن ته جو هِن وڪيپيڊيا تي توهان کي توهان جي متعلق صفحي تائين ته وٺيويندو آهي، پَر ان جي تلاش جي خاني ۾ لکي ڪري ڪوئي ٻيو يوزر توهان جي يوزر صفحي کي تلاش نٿو ڪري سگهي ؛ ان کي ائين ڪرڻ لاءِيوزر:مثال يوزر سان تلاش ڪرڻو پوندو۔ جيڪڏنهن توهان يوزر صفحو نٿا (نٿيون) رکڻ چاهيو ته اهڙيءَ صورت ۾ توهان هن کي پنهنجي بحث صفحي جي پاسي (طَرِف) واپس موٽائي (رجوع مڪرر (redirect)) ڪرائي سگهو ٿا (ٿيون)۔
آئون پنهنجي يوزر صفحي تي ڇا رکي سهگان ٿو (ٿي)؟سنواريو
هڪڙي ڳاله ته ڄڻ ايئن ڪرڻ قاعدن ۽ ضابطن ۾ ته ناهي ايندي، پر توهان جيڪڏنهن پنهنجي يوزر صفحي تي ابتدا ۾ چند اهڙا اندراجات (داخلائون) هجن ته جن سان هڪ نئين يوزر کي هي مغالطو (شَڪُ) نه هجي ته توهان جو يوزر صفحو ، انسائيڪلوپيڊيا جو ڪوئي مقالو (مضمون يا آرٽيڪل) آهي؛ ان مقصد جي لاءِ توهان ابتدا ۾ چند اهڙا سانچا پڻ سَجائي سگهو ٿا (ٿيون) جيڪي يوزر صفحو جي لاءِم خصوص آهن جيئن
هي سانچو بنيادي سانچو آهي، صرف منتظمين کي اجازت آهي ته اهي هن سانچي جا لاڳاپيل صفحا جيڪي ڳاڙهي رنگ ۾ نظي پيا اچن تنکي اردو يا انگريزي وڪيپيڊيا تان ترجمو ڪري لِکن