… تہ فرڊيننڊ ميگلان پهريون ڀيرو زمين جو بحري چڪر مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ھو فلپائن جي ويجھو مري ويو تہ ان جي جهاز تي موجود ھڪ ٻي مهم جو خوان سباسٽين ايلڪانو ان ٻيڙي جي اڳواڻي ڪئي ۽ اھڙي طرح ھو پهريون شخص بڻجي ويو جنھن جي سرڪردگي ۾ انسان زمين جي چوڌاري پهريون بحري سفر مڪمل ڪيو.
… تہ ارشميدس جون ايجاد ڪيل توپون ايتري قدر مضبوط ھيون جو سيراڪيوز جو گھيراءُ ڪرڻ واري جنرل ڪلاڊيس جي شهر تي قبضو ڪرڻ ۾ پورا ٽي سال لڳا. سيراڪيوز تي قبضو ڪرڻ کان بعد ڪلاڊيس ارشميدس کي معاف ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو. پر ھڪ سپاهي اُن کي غلطيءَ ۾ قتل ڪري ڇڏيو.
… تہ ڪتاب الاموات، ھڪ قديم مصري دستاويزن جو ميڙ آهي، جنهن ۾ منتر، مناجاتون، دعائون، ۽ حمد وغيره شامل آھن. ھي عام ماڻھو پنھنجي قبر يا تابوت ۾ رکڻ جي لاءِ خريد ڪندا ھيا، انھن جو عقيدو ھو تہ مرڻ کان بعد ان کي پڙھي ڪري ھو ڪجھ فائدا ۽ خصوصي مراعتون حاصل ڪري سگھندا.