وڪيپيڊيا:چونڊ مضمون/2022/مهينو فيبروري

يونيورسٽي آف سيستان ۽ بلوچستان ايمفيٿيٽر

زاھدان (Zahdan) ايران جي صوبي سيستان و بلوچستان جي گاديءَ جو ھنڌ آھي. 2016ع جي انگن اکرن مطابق ھن شھر جي آدمشماري 587,730 آھي. ھي شھر دشت لوط ريگستان جي ڏکڻ ۾ آباد آھي. پاڪستان جا ھزارين ماڻھو روڊ ۽ ريل رستي ھر سال زيارتن ڪرڻ لاءِ ايران ۽ عراق ويندا آھن. ھو پاڪستاني شھر ڪوئيٽا کان پنھنجو سفر شروع ڪندا آھن ۽ روڊ يا ريل رستي زاھدان شھر پھچندا آھن جتان وري ايران جي ٻين شھرن طرف سفر ڪندا آھن. ھي شھر روڊ وسيلي مشھد ۽ چا بھار سان ڳنڍيل آھي. ھن شھر ۽ تھران جي وقت ۾ 36 منٽن جو فرق آھي. زاھدان روڊ ۽ ريل وسيلي پاڪستان سان ڳنڍيل آھي. ھن شھر کان 41 ڪلوميٽر (25 ميل) ڏکڻ ۾ ايران، پاڪستان ۽ افغانستان جون سرحدون پاڻ ۾ ملن ٿيون. ھي شھرسامونڊي سطح کان 1352 ميٽر اوچائيءَ تي تھران کان 1605 ڪلوميٽر (997 ميل) پري آباد آھي. اونھاري ۾ ھتي ٺيڪ ٺاڪ گرمي ٿئي ٿي، جڏھن تہ سياري ۾ ڪجه ٿڌ ٿئي ٿي. مينھن تمام گھٽ وسي ٿو. زاھدان ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاٰءِ ھيٺيان تعليمي ادارا موجود آھن: اسلامڪ آزاد يونيورسٽي آف زاھدان, زاھدان يونيورسٽي آف ميڊيڪل سائنسز, يونيورسٽي آف سيستان ۽ بلوچستان, زاھدان جي ميڊيڪل يونيورسٽي ايران جي واحد يونيورسٽي آھي جتي 50 سالن کان وڏي ڄمار وارا ماڻھو بہ تعليم حاصل ڪري سگھن ٿا